ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ تحمل اختيار ڪرڻ ضروري آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن علائقي جي صورتحال تي خيال ونڊيا.

اسحاق ڊار چيو ته مفاهمتي يادداشت موجب ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ تحمل جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته علائقي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري ئي سڀ کان بهتر رستو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته ٻنهي وزيرن مستقبل ۾ به رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

You might also like