سعودي عرب، عمان، ڪويت ۽ لبنان پاران ايران جي حملن جي مذمت

رياض(ويب ڊيسڪ)سعودي عرب، عمان، ڪويت ۽ لبنان ايران پاران علائقي جي ملڪن تي ڪيل حملن جي مذمت ڪئي آهي.

سعودي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ايران جا حملا خطي ۾ عدم استحڪام جو سبب بڻجي رهيا آهن ۽ اهي عالمي قانون، گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم جي منشور ۽ سٺي پاڙيسري جي اصولن جي خلاف آهن.

بيان موجب واپاري جهازن تي بار بار حملا جهازن جي عالمي اچ وڃ ۽ سامونڊي سلامتي لاءِ خطرو آهن.

You might also like