شهيد آيت الله خامنه اِي جي قبر جون وڊيوز ۽ تصويرون جاري ٿيڻ کانپوءِ وائرل

تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي شهيد سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي قبر جون وڊيوز ۽ تصويرون سامهون اچي ويون آهن.

سوشل ميڊيا تي آيت الله خامنه اي جي قبر جون تصويرون ۽ وڊيوز وڏي پيماني تي وائرل ٿي رهيون آهن، جيڪي ايراني ميڊيا ۽ ايراني قونصل خانن طرفان پڻ شيئر ڪيون پيون وڃن.

ڪجهه تصويرون ۽ وڊيوز فارس نيوز ايجنسي ۽ ڀارت جي شهر حيدرآباد ۾ قائم ايراني قونصل خاني طرفان به شيئر ڪيون ويون آهن.

ياد رهي ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي جنازي نماز ۽ جنازي جي جلوس ۾ لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ 30 لک ماڻهن شرڪت ڪئي هئي.

آيت الله خامنه اي جي مڙهه کي تهران کان پوءِ قم، پوءِ عراق جي شهرن ڪربلا ۽ نجف به نيو ويو، جنهن کان پوءِ واپس آڻي مشهد ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ياد رهي ته هلندڙ سال 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل حملن ۾ 86 ورهين جي عمر ۾ علي خامنه اي شهيد ٿي ويا هئا.

You might also like