لسٻيلو ڊويزن جي قيام جو باضابطا طور نوٽيفڪيشن جاري

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان حڪومت لسبيلو ڊويزن جي قيام جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، نئين ڊويزن ۾ لسبيلو، حب ۽ آواران ضلعا شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته لسبيلو ڊويزن جو هيڊڪوارٽر اوٿل ۾ قائم ڪيو ويو آهي.

خضدار ضلعي جي سب تعلقي سارونا جي ٻن يونين ڪائونسلن کي ٻن مختلف ضلعن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جن مان هڪ يونين ڪائونسل کي ضلعي لسبيلو ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، سارونا جي ٻي يونين ڪائونسل کي ضلعي حب جو حصو بڻايو ويو آهي.

You might also like