انمول پنڪي منشيات ڪيس: ساٿي جوابدارن جا نالا خارج ڪرڻ واري درخواست رد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي جوڊيشنل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ مبينا منشيات فروش انمول عرف پنڪي خلاف منشيات واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ٻن شريڪ جوابدارن جا نالا ڪيس مان خارج ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

عدالت جوابدارياڻي جي شريڪ جوابدارن ذيشان ۽ سهيل جا نالا ڪيس مان خارج ڪرڻ واري درخواست به رد ڪري ڇڏي.

سرڪاري وڪيل عبدالرحمان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته اهڙي درخواست ريمانڊ جي مرحلي تي داخل ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته چالان ۾ جوابدارن جو ڪردار واضح نموني بيان ڪيو ويو آهي ۽ سندن خلاف مضبوط ثبوت موجود آهن.

پوليس موجب، جوابدارن خلاف گارڊن ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيل آهي. جاچ آفيسرن جو چوڻ آهي ته ٻئي جوابدار مبينا طور انمول عرف پنڪي جي گراهڪن کان ايندڙ رقم وصول ڪندا هئا، جڏهن ته گراهڪ ادائيگي جا اسڪرين شاٽ انمول عرف پنڪي ڏانهن موڪليندا هئا.

پوليس موجب، عدالت ان کان اڳ به ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري چڪي آهي.

واضح رهي ته ڪراچي ۾ گارڊن پوليس مبينا منشيات فروش عورت کي گرفتار ڪري، سندس قبضي مان پسٽول، ڪروڙين رپين ماليت جي ڪوڪين، مختلف ڪيميائي مادا ۽ ٻيون منشيات هٿ ڪيون هيون، جنهن کان پوءِ جوابدارياڻي کي هٿڪڙيون نه هڻندي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو.

You might also like