ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي شهر ۾ گٽرن تي حفاظتي ڄاريون لڳائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ڪي ايم سي جي ترجمان موجب، ميئر ڪراچي چيو آهي ته هاڻي گٽرن ۾ ٻارن جي ڪري پوڻ جا واقعا پيش نه ايندا.
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته طارق روڊ تي مين هولن ۾ ڍڪ سان گڏ حفاظتي ڄاري لڳائڻ جو آغاز ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته سڄي شهر ۾ گٽرن تي ڍڪ ۽ انهن سان گڏ حفاظتي ڄاري لڳائي ويندي، جيڪا 180 ڪلوگرام تائين وزن برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
ميئر ڪراچي وڌيڪ چيو ته شهري کليل مين هولن بابت پنهنجون شڪايتون هيلپ لائن 1334 تي درج ڪرائي سگهن ٿا.