ايراني فوج جا بحرين، ڪويت ۽ قطر ۾ آمريڪي هدفن تي ڊرون حملا

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن بحرين، ڪويت ۽ قطر ۾ آمريڪي فوجي اڏن ۽ اسٽريٽجڪ ٿاڪن کي ڊرون حملن ذريعي نشانو بڻايو آهي.
ايراني فوج موجب، ان ڪارروائي ۾ مختلف قسمن جا ڪيئي ڊرون استعمال ڪيا ويا.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملن ۾ ڪويت ۾ پيٽرياٽ ميزائل سسٽم، قطر ۾ شروعاتي وارننگ سيٽلائيٽ اينٽينا سائيٽ ۽ بحرين ۾ آمريڪي فوج جي استعمال هيٺ ٻارڻ جي ذخيرن کي نشانو بڻايو ويو.
ايراني فوج وڌيڪ چيو ته هٿياربند فوج آمريڪي صدر جي احمقاڻن مقصدن کي ڪنهن به صورت ۾ پورو نه ٿيڻ ڏيندي.

 

You might also like