تهران (ويب ڊيسڪ)تهران ۾ حماس جي ليڊرشپ ڪائونسل جي سربراهه محمد درويش سان ملاقات دوران ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف واضح ڪيو ته معاهدي باوجود آمريڪا سان سخت اختلاف برقرار آهن.
هن چيو ته ايران ڪڏهن به اسرائيل کي تسليم نه ڪندو ۽ آيت الله علي خامنه اي جي هدايتن موجب ميزائلن ۽ سياسي دٻاءَ ذريعي مسلمانن ۽ مزاحمتي تنظيمن جي حمايت جاري رکي ويندي.
باقر قاليباف وڌيڪ چيو ته مسلمان ملڪن کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته هاڻي انهن کي احساس ٿي ويو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل سان سهڪار سندن سلامتي جي ضمانت ناهي.