لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن جي ميچ فيس ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ بورڊ آف گورنرز جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران مالي سال 2026-27 جي سرپلس بجيٽ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) کي انتظامي ۽ مالي طور خودمختيار بڻائڻ ۽ پي ايس ايل 12 جي بجيٽ جي منظوري پڻ ڏني وئي، جڏهن ته ملڪ ۾ علائقائي ڪرڪيٽ جو بجيٽ 3 ارب رپين مان وڌائي 4 ارب رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي اجلاس دوران نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي فارميٽ، ادائيگي جي طريقيڪار ۽ قومي ٽيم جي رانديگرن لاءِ ميچ فيس ۾ واڌ جي منظوري ڏني.
ڪهڙي رانديگر کي ڪيتري ميچ فيس ملندي؟
ذريعن موجب، ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندڙ رانديگرن جي ميچ فيس 15 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ون ڊي رانديگرن کي 6 لک 50 هزار رپيا ۽ ٽي ٽوئنٽي رانديگرن کي في ميچ 4 لک 50 هزار رپيا ملندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اي ۽ بي ڪيٽيگري ۾ ون ڊي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندڙ رانديگر شامل هوندا.
اي ڪيٽيگري ۾ شامل ٽيسٽ رانديگرن کي 15 لک رپيا في ميچ ملندا، جڏهن ته اي ڪيٽيگري جي ون ڊي رانديگرن لاءِ ميچ فيس 7 لک 50 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
ساڳئي ريت اي ڪيٽيگري جي ٽي ٽوئنٽي رانديگرن کي 6 لک 50 هزار رپيا في ميچ ملندا.
بي ڪيٽيگري ۾ شامل ون ڊي رانديگرن کي 7 لک 50 هزار رپيا، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي رانديگرن کي 5 لک رپيا في ميچ ادا ڪيا ويندا.
سي ڪيٽيگري ۾ شامل رانديگر رڳو ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کيڏندا، جن جي ميچ فيس 5 لک رپيا هوندي. جيڪڏهن سي ڪيٽيگري جو ڪو رانديگر ون ڊي ميچ کيڏندو ته به کيس 5 لک رپيا ئي ميچ فيس ملندي.
بورڊ آف گورنرز قائداعظم ٽرافي جي رانديگرن جي ميچ فيس 30 هزار رپين مان وڌائي هڪ لک رپيا ڪرڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته ريزرو پليئرز جي ميچ فيس 15 هزار رپين مان وڌائي 50 هزار رپيا ڪئي وئي.
اجلاس ۾ عورتن جي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامنٽ ڪرائڻ ۽ ان لاءِ فنڊز مختص ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي.
ان کان کانسواءِ ريجنل گرائونڊ اسٽاف جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 42 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
بورڊ آف گورنرز 12 وڌيڪ گرائونڊز کي آپريشنل ڪرڻ ۽ نيشنل اسٽيڊيم سميت ٻين انفراسٽرڪچر جي اپ گريڊيشن لاءِ 6 ارب 70 ڪروڙ رپين جي منظوري پڻ ڏني، جڏهن ته لاهور ۾ هاءِ پرفارمنس سينٽر لاءِ بائيو ميڪينڪس مشين لڳائڻ جي فنڊنگ جي به منظوري ڏني وئي.
ڪرڪيٽرن جا ڀاڳ کلي ويا، ميچ فيس ۾ رڪارڊ واڌ جو اعلان، ٽيسٽ لاءِ 15 لک ۽ ون ڊي لاءِ 6 لک ملندا
You might also like