حيدرآباد جو سرڪاري اسڪول دنيا جي ٽاپ 10 بهترين اسڪولن ۾ شامل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي هڪ سرڪاري اسڪول دنيا جي بهترين اسڪولن جي فهرست ۾ جاءِ ماڻي ورتي آهي.
عالمي تعليمي اداري ”ٽي فور ايجوڪيشن“ پاران هر سال ورلڊز بيسٽ اسڪول پرائزز جو اعلان ڪيو ويندو آهي.
اهي ايوارڊ دنيا جي اهڙن اسڪولن جي حوصلا افزائي لاءِ شروع ڪيا ويا آهن، جيڪي تعليم، شاگردن جي ڀلائي ۽ سماجي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
ورلڊز بيسٽ اسڪول پرائزز کي تعليم جي شعبي جو هڪ معتبر عالمي اعزاز سمجهيو ويندو آهي، جنهن ۾ دنيا جي هزارين اسڪولن مان رڳو چونڊ ادارا ئي فائنلسٽ بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪندا آهن.
هن سال پاڪستان مان رڳو ٻه اسڪول هن عالمي اعزاز لاءِ شارٽ لسٽ ٿيا آهن، جن ۾ پنجاب جو هڪ خانگي اسڪول ۽ سنڌ جو هڪ سرڪاري اسڪول شامل آهي.
سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ قائم گورنمينٽ گرلز لوئر سيڪنڊري اسڪول ٽنڊو مير غلام حسين، پاڪستان لاءِ اعزاز حاصل ڪندي ورلڊز بيسٽ اسڪول پرائزز 2026 جي ”ڪميونٽي ڪوليبوريشن“ ڪيٽيگري ۾ دنيا جي ٽاپ 10 فائنلسٽن ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي آهي.
صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه اسڪول انتظاميا، پرنسپل، استادن، شاگردن، والدين ۽ مقامي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي ڪاميابي صرف هڪ اسڪول جي نه، پر سنڌ جي تعليمي نظام، سرڪاري اسڪولن ۽ سڄي پاڪستان لاءِ فخر جو باعث آهي.

 

You might also like