ڊبلن (ويب ڊيسڪ)آئرلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ هينرڪ ملان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ڪرڪيٽ آئرلينڊ موجب، هينرڪ ملان گذريل چئن سالن کان آئرلينڊ ٽيم جو هيڊ ڪوچ رهيو ۽ سندس معاهدو 2027 جي شروعات تائين وڌايو ويو هو.
ميڊيا رپورٽن موجب، هينرڪ ملان جي ڪوچنگ هيٺ آئرلينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ڀارت کي وائيٽ واش ڪيو.
آئرلينڊ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڀارت کي 34 رنسن تان شڪست ڏني، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ هڪ رنس تان ڪاميابي حاصل ڪري سيريز پنهنجي نالي ڪئي.
ان حوالي سان هينرڪ ملان چيو ته رانديگرن، ڪوچنگ اسٽاف ۽ آئرش ڪرڪيٽ فيملي سان گڏ ڪم ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ٽيم سان گڏ ميدان ۾ ڪيترين ئي تاريخي ڪاميابين جو حصو بڻجڻ سندس ڪيريئر جي يادگار لمحن مان هڪ آهي.