ڪراڪاس (ويب ڊيسڪ( وينزويلا ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ آيل تباهه ڪندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ ارجنٽينا جي فٽبالر لوڪاس تريجو جي گهرواري ۽ ٻه ٻار فوت ٿي ويا آهن.
لوڪاس تريجو جي ڪلب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڏکوئيندڙ خبر جي تصديق ڪندي فٽبالر ۽ سندس ڪٽنب سان گهري تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، زلزلي وقت لوڪاس تريجو جي گهرواري يانينا مارانيلا ۽ سندن ٻه ٻار، آرون تريجو ۽ آئينوا تريجو، سامونڊي علائقي پلايا گراندي ۾ موجود هئا، جتي سندن رهائشي عمارت زلزلي سبب ڪِري پئي.
واقعي کان پوءِ فٽبالر جي گهرواري ۽ ٻار گم ٿي ويا هئا، جڏهن ته امدادي ٽيمن بعد ۾ ٽنهي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
رپورٽ موجب، زلزلي وقت لوڪاس تريجو پنهنجي ٽيم سان گڏ گادي واري شهر ڪراڪاس ۾ ايندڙ ميچ جي تيارين ۾ رُڌل هو. هن سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن جي ڳولا لاءِ عوام کان دعا ۽ مدد جي اپيل پڻ ڪئي هئي.
گڏيل قومن موجب، وينزويلا ۾ 24 جون تي آيل زلزلي سبب اٽڪل 6.76 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته فوتگين جو انگ 1500 کان ٽپي ويو آهي، ۽ هزارين ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن.
You might also like