ايران دوحا ۾ گڏجاڻي درخواست ڪئي آهي، ٽرمپ جي دعويٰ، ڳالهين لاءِ حالتون سازگار ناهن: ايران

دوحا(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ دوحا ۾ طئي ٿيل ٽيڪنيڪل ڳالهين بابت ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جا تڪراري بيان سامهون اچي رهيا آهن.
هڪ پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته ”ايران هڪ گڏجاڻيءَ جي درخواست ڪئي آهي، جيڪا سڀاڻي دوحا ۾ ٿيندي.“
ٻئي پاسي، ايران جي ٽيڪنيڪل ڳالهين واري ٽيم جي سربراهه ڪاظم غريب آبادي اڱاري تي ٿيندڙ ڳالهين جي ترديد ڪئي آهي.
برطانوي ميڊيا موجب، ڪاظم غريب آبادي جو چوڻ هو ته آمريڪا جي ڪيل واعدن تي عملدرآمد بابت قطر سان صلاح مشورا جاري آهن، پر ٻنهي ملڪن جي ورڪنگ گروپس وچ ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهين جي تصديق اڃا نٿي ڪري سگهجي.
هن وڌيڪ چيو تهٽيڪنيڪل ڳالهين جو پهريون دور لاڳاپيل ورڪنگ گروپس جي فريم ورڪ تحت تڏهن ٿيندو، جڏهن حالتون سازگار هونديون ۽ تاريخ ۽ هنڌ تي اتفاق ٿي ويندو، ان سلسلي ۾ ٽياڪڙي ڪرائيندڙ ملڪن ذريعي صلاح مشورا جاري آهن.

 

You might also like