ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ ۾ جون مهيني دوران 29 ماحولياتي نمونن مان رڳو هڪ نمونو پوليو وائرس لاءِ هاڪاري ثابت ٿيو آهي.
سنڌ ايمرجنسي آپريشن سينٽر موجب، اهو مثبت نمونو ڪراچي ايسٽ مان رپورٽ ٿيو آهي، جڏهن ته صوبي ۾ پوليو جي ڦهلاءَ ۾ نمايان گهٽتائي گڏيل ڪوششن ۽ اثرائتي ويڪسين مهمن جو نتيجو قرار ڏنو پيو وڃي.
سنڌ ايمرجنسي آپريشن سينٽر پوليو وائرس جي ماحولياتي نگراني بابت تازا انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته صورتحال ۾ هاڪاري رجحان ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن.
جون دوران حاصل ڪيل 29 ماحولياتي نمونن مان رڳو هڪ نمونو پوليو وائرس لاءِ مثبت مليو، جڏهن ته 21 نمونا منفي قرار ڏنا ويا آهن ۽ 7 نمونن جا نتيجا اڃا تائين جاري آهن.
سنڌ اي او سي موجب، مثبت ماحولياتي نمونو ڪراچي ايسٽ مان رپورٽ ٿيو آهي، جڏهن ته هن مرحلي ۾ صوبي جي ڪنهن ٻئي علائقي مان پوليو وائرس جي موجودگي جي تصديق نه ٿي آهي.
اداري جو چوڻ آهي ته سنڌ پوليو وائرس جي ڦهلاءَ ۾ گهٽتائي لاءِ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي، جيڪا ڪميونٽيز جي سهڪار، فرنٽ لائن ورڪرن جي محنت ۽ حڪومتي ڀائيوارن جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي.
ماءُ پيءُ کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو پوليو ٽيمن جو ڀرپور استقبال ڪن، پنهنجن ٻارن کي حفاظتي قطرا ضرور پيارين، ۽ پوليو بابت معلومات لاءِ رڳو پَڪي ذريعن تي ڀروسو ڪن.