شادي نه به ٿئي، لاڳاپا نه قائم ٿين، عورت حق مهر جي حقدار آهي: عدالت

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ چيو آهي ته جيڪڏهن رخصتي نه به ٿي هجي يا زال مڙس وارا لاڳاپا قائم نه ٿيا هجن تڏهن به عورت حق مهر جي حقدار آهي.

عدالت خلا ۽ حق مهر بابت درخواست تي فيصلو جاري ڪندي عورت جي اپيل منظور ڪئي ۽ ماتحت عدالتن جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رخصتي نه ٿيڻ يا لاڳاپا قائم نه ٿيڻ جي باوجود به عورت حق مهر جي حقدار آهي. جيڪڏهن حق مهر جي ادائيگي جو وقت مقرر نه هجي ته پورو مهر فوري طور تي واجب الادا ٿيندو. جيڪڏهن نڪاح نامي ۾ مهر جي تفصيل واضح نه هجي ته به مطالبو ٿيڻ تي مڪمل مهر ادا ڪرڻ لازمي آهي.

راولپنڊي بينچ جي فيصلي موجب خلاف عورت جو مستقل شرعي ۽ قانوني حق آهي ۽ خلا لاءِ مڙس جي رضامندي ضروري ناهي.  جيڪڏهن زال جو حتمي فيصلو هجي ۽ ٺاهه ممڪن نه هجي ته خلاف جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري سگهجي ٿو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته خلاف مؤثر ٿيڻ ۽ عدت مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٻي شادي جائز آهي.

You might also like