يورپ جي مختلف ملڪن ۾ هن وقت شديد ۽ غيرمعمولي گرمي جي لهر ڇانيل آهي، جنهن سبب روزمره جي زندگي متاثر ٿي رهي آهي.
اسپين ۾ هيٽ ويو سبب گذريل 4 ڏينهن ۾ فوتين جو انگ 200 کان وڌي ويو آهي، ۽ ڪيترن علائقن ۾ گرمي پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي.
فرانس ۾ به گرمي سبب فوتين جو انگ 50 ٿي ويو آهي، جتي 80 سالن ۾ پهريون ڀيرو گرمي پد 44 ڊگري کان مٿي ويو آهي. اٽلي ۾ به گذريل 24 ڪلاڪن دوران گرمي سبب 5 فوتگيون ٿيون آهن.
ٻئي پاسي لنڊن ۽ ڏکڻ اوڀر انگلينڊ لاءِ شديد گرمي جي ريڊ وارننگ کي سڀاڻي تائين وڌايو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب لنڊن ۾ گرمي پد 30 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.
گرمي سبب اسپتالن تي مريضن جو دٻاءُ وڌڻ لڳو آهي، جڏهن ته رائل ڪاليج آف فزيشنز جو چوڻ آهي ته تيز گرمي اسپتالن جي مشينن ۽ اوزارن کي به نقصان پهچائي رهي آهي.