90-1980 ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيندڙ… نوجوانن ۾ ڪينسر جو مرض وڌڻ لڳو! سبب ڪهڙا؟

سڄي دنيا ۾ نوجوان ماڻهن ۾ آنڊن جي ڪينسر جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن.

ڪينسر کي دنيا ۾ موت جو ٻيو وڏو سبب سمجهيو ويندو آهي ۽ ان جا ڪجهه قسم سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان جو ڪارڻ بڻجن ٿيون.

تازين تحقيقي رپورٽن موجب 50 سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهن ۾ ڪينسر جي ڪجهه خاص قسمن جو خطرو 1950ع واري ڏهاڪي کان وٺي لڳاتار وڌندو رهيو آهي.

هاڻي هڪ نئين تحقيق ۾ ان جو هڪ اهم سبب سامهون آيو آهي. حقيقت ۾ 1980ع ۽ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيندڙ ماڻهن جي حياتياتي عمر (بايولوجيڪل ايج) اڳين نسلن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ اهو ڪينسر جي ڪيسن ۾ واڌ جو هڪ اهم ڪارڻ ٿي سگهي ٿو.

واضح رهي ته عام طور هر ماڻهو جي عمر سندس ڄمڻ جي تاريخ موجب طئي ڪئي ويندي آهي، پر طبي لحاظ کان هڪ حياتياتي عمر به هوندي آهي، جيڪا جسماني ۽ ذهني ڪارڪردگي جي بنياد تي ماپي ويندي آهي.

جينز، طرزِ زندگي ۽ ٻيا ڪيترائي عنصر حياتياتي عمر تي اثرانداز ٿيندا آهن. حياتياتي عمر جيتري وڌيڪ هوندي، مختلف بيمارين جو خطرو به اوترو وڌي ويندو.

آمريڪا جي Washington University School of Medicine جي تحقيق ۾ 1965ع کان 1969ع ۽ 1990ع کان 1999ع جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ماڻهن جي حياتياتي عمر جو مقابلو ڪيو ويو.

نتيجن مان ظاهر ٿيو ته 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيندڙ ماڻهن جي حياتياتي عمر، 1960ع واري ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيندڙ ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزي سان وڌي رهي هئي.

عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن جي حياتياتي عمر ۾ هي فرق وڌيڪ نمايان ڏٺو ويو.

تحقيق موجب حياتياتي ۽ حقيقي عمر جي وچ ۾ جيترو وڌيڪ فرق هوندو، اوترو ئي ڦڦڙن، هاضمي جي نظام ۽ آنڊن جي ڪينسر سميت مختلف قسمن جي ڪينسر جو خطرو وڌي ويندو.

1990ع کان 2019ع تائين 50 سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهن ۾ ڪينسر جي ڪيسن جي شرح ۾ 24 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته خاص طور آنڊن جو ڪينسر نوجوانن ۾ وڌيڪ عام ٿيندو پيو وڃي.

تحقيق موجب 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيندڙ ماڻهن ۾ آنڊن جي ڪينسر جو خطرو 1960ع واري ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيندڙ ماڻهن جي ڀيٽ ۾ چار ڀيرا وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.

محققن جو چوڻ آهي ته ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، جهڙوڪ وقت اڳ جواني شروع ٿيڻ، ٿولهه، ذيابيطس ۽ فالج جهڙين بيمارين جو گهٽ عمر ۾ سامهون اچڻ، اهي سڀ عنصر حياتياتي عمر جي رفتار کي تيز ڪن ٿا ۽ ڪينسر جي خطري ۾ اضافو ڪن ٿا.

ڪنهن به جسماني عضوي جي عمر سڄي جسم جي عمر کان مختلف ٿي سگهي ٿي، ۽ مختلف عضون جي عمر وڌڻ جي رفتار به الڳ الڳ هوندي آهي.

محققن دريافت ڪيو ته جڏهن مدافعتي نظام جي عمر حقيقي عمر کان وڌيڪ ٿي وڃي ٿي ته ڪينسر جو خطرو وڌي ويندو آهي.

ساڳي ريت جيڪڏهن چرٻي وارن ٽشوز جي عمر جسماني عمر کان وڌيڪ ٿي وڃي ته آنڊن جي ڪينسر جو خطرو وڌي ويندو آهي.

محققن ٻڌايو ته نوجوان ماڻهن ۾ ڪينسر جي وڌندڙ شرح بابت اڃا تائين ڪو حتمي جواب موجود ناهي، پر اهڙيون تحقيقون انهن سببن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿيون، جيڪي نوجوانن ۾ ڪينسر جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ جو اشارو ڏين ٿيون.

هاڻي محققن وڌيڪ تحقيق ڪندا ته ماحول ڪيتري حد تائين ڪينسر جي خطري کي وڌائي ٿو ۽ هن بيماري جي روڪٿام ڪيئن ممڪن بڻائي سگهجي ٿي. هن تحقيق جا نتيجا طبي جرنل ميڊيسن ۾ ڇپيا ٿيا آهن.

You might also like