ڪراچي ۾ 9 محرم الحرام جي جلوس جي سيڪيورٽي سخت، موبائل سروس بند

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ 9 محرم الحرام جي مرڪزي مجلس صبح 10 وڳي نشتر پارڪ ۾ ٿي، جنهن کي علامه شهنشاهه حسين نقوي خطاب ڪيو.

مجلس کانپوءِ 9 محرم الحرام جو مرڪزي جلوس منجهند هڪ وڳي نشتر پارڪ مان نڪتو. ايم اي جناح روڊ تي امام بارگاهه علي رضا جي سامهون عزادار ظهرين جي نماز ادا ڪئي، جڏهن ته جلوس روايتي رستن تان گذرندي کاري در ۾ حسينيه ايرانيان تي پهچي اختتام پذير ٿيو.

ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن ۽ 5 هزار کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

سيڪيورٽي سبب جلوس جي گذرگاهن سان لڳندڙ گهٽين، رستن، مارڪيٽن ۽ دڪانن کي ڪنٽينر لڳائي سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نشتر پارڪ ۽ ان جي آس پاس موبائل فون سروس به معطل ڪئي وئي آهي.

You might also like