ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايراني سرڪاري خبر ايجنسي موجب ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ ٽيڪنيڪي ڳالهيون مڪمل ٿي ويون آهن، جن ۾ ايٽمي معاملن ۽ پابندين بابت ايندڙ مرحلي لاءِ 4 ورڪنگ گروپس ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
ايراني ميڊيا موجب 4 ورڪنگ گروپس قائم ڪيا ويندا، جن ۾ پابندين جي خاتمي، ايٽمي معاملن، ٻيهر تعمير ۽ اقتصادي ترقي، ۽ نگراني ۽ عملدرآمد جا شعبا شامل هوندا.