حيدرآباد(پ ر)جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چئرمين نواز خان زئور،محمد علي خشڪ،عروج سنڌو،صوفي حاجن، گل شر،تراب جتوئي،فراز سنڌي، وڪيل خاصخيلي،وھاب چانڊيو،ستار نارو، حافظ رحيم بخش لکڻ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته ٺٽي بدين سجاول سميت سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي سنڌو درياھ تي چشما ڪئينال ۽ تونسا لنڪ ڪئنال ٺاھي سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب کڻي وڃي ٿو،هنن وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ کي ھٿ وٺي بدامني جي ور چاڙھيو ويو آھي سنڌ پوليس وزيرن ڪامورن حڪومتي ماڻھن جي پروٽوڪول ڏيڻ ۾ پوري آھي عام ماڻھن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آھي انھن وڌيڪ چيو ته مظلوم قومن جي ڏاڍ جبر جاري آھي بلوچن جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ تي بلوچ يڪجھتي ڪاميٽي جي اڳواڻ ماھرنگ بلوچ کي قيد جي سزا ٻڌائي وئي آھي جنھن جي مذمت ڪجي ٿي