بيلفاسٽ (ويب ڊيسڪ) آئرلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ لورڪن ٽڪر کي قومي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ٽيم جو نئون ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سندس ڪپتانيءَ جي شروعات ڀارت خلاف ايندڙ هفتي رٿيل ٽي ٽوئنٽي سيريز کان ٿيندي.
لورڪن ٽڪر کي پال اسٽرلنگ جي جاءِ تي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن هلندڙ سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ ڪپتاني ڇڏي ڏني هئي، پال اسٽرلنگ هن وقت انجري سبب ٽيم کان ٻاهر آهي.
آئرلينڊ جي ٽيم کي سيريز کان اڳ وڏن مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته پنج اهم فاسٽ بالر زخمي هئڻ سبب دستياب ناهن.
زخمي رانديگرن ۾ جوش لٽل، مارڪ ايڊيئر، ڪيرتس ڪيمفر، بيري ميڪارٿي ۽ جورڊن نيل شامل آهن.
اهم بالرن جي غير موجودگيءَ سبب ٽيم ۾ ڪيترن ئي نوجوان رانديگرن کي موقعو ڏنو ويو آهي، جن ۾ روبن ولسن، جئه مونڊرا ۽ ميٽ هولارڊ شامل آهن، جيڪي ڀارت خلاف سيريز ۾ ڊيبيو ڪري سگهن ٿا.
نئين ڪپتان لورڪن ٽڪر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڀارت جهڙي مضبوط ٽيم خلاف ڪپتانيءَ جي شروعات هن لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي.
سندس چوڻ هو ته ”ڀارتي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي هڪ وڏي قوت آهي ۽ اسان لاءِ هيءَ سيريز بهترين امتحان ثابت ٿيندي.“
آئرش سليڪٽر اينڊريو وائيٽ موجب، انجريز سبب ٽيم مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي، پر نوجوان رانديگرن لاءِ پاڻ کي ثابت ڪرڻ جو هي هڪ بهترين موقعو آهي.
آئرلينڊ جي 14 رڪني اسڪواڊ ۾لورڪن ٽڪر( ڪپتان) راس ايڊيئر، بين ڪيلٽز، گيريٿ ڊيلاني، جارج ڊاڪريل، اسٽيفن دوهيني، ميٿيو همفريز، گيون هوي، ميٽ هولارڊ، ليام ميڪارٿي، جئه مونڊرا، هيري ٽيڪٽر، ٽم ٽيڪٽر، ۽ روبن ولسن شامل آهن.
ياد رهي ته آئرلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز 26 ۽ 28 جون تي بيلفاسٽ جي اسٽورمونٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ڀارتي ٽيم جي قيادت شرياس اَئيَر ڪندو، ڀارتي ٽيم ان کانپوءِ انگلينڊ رواني ٿيندي جتي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.