جيڪڏهن توهان جي ٿڪاوٽ رڳو خانداني دٻاءُ، ڪم جي ذميوارين ۽ سماجي مصروفيتن جي ڪري نه هجي تھ پوءِ؟ جيتوڻيڪ اهي شيون يقيناً ٿڪاوٽ جو سبب بڻبيون آھن ۽ بڻجي بھ سگھن ٿيون پر ماهرن موجب هڪ ٻيو وڏو سبب آئرن جي کوٽ (Iron Deficiency) به ھوندو آھي يا ٿي سگھي ٿو، جيڪا انهن عورتن ۾ تمام عام آهي جيڪي ماهواري حيض (periods) مان گذرن ٿيون، ۽ لڳ ڀڳ ٽئين حصي تائين عورتون ان مسئلي جو شڪار هونديون آهن.
ماهر هيمٽولوجسٽ ڊاڪٽر اسٽيون فائن موجب آئرن کي رڳو هڪ عام وٽامن نه سمجهڻ گهرجي، ڇو ته اهو جسم لاءِ انتهائي اهم معدني جزو آهي جيڪو جسم جي هر سيل ۾ توانائي پيدا ڪرڻ جي عمل ۾ شامل هوندو آهي. ھن جو چوڻ آهي ته ”بنا آئرن جي عضوا صحيح نموني ڪم نٿا ڪري سگهن ۽ دماغ صحيح نموني سوچي نٿو سگهي.” ان ڪري آئرن جي گهٽتائي جسماني ۽ ذهني ٻنهي ڪارڪردگين تي اثر وجهي ٿي.
ماهرن موجب آئرن جي کوٽ هڪ تسلسل (spectrum) وانگر آهي، جتي شروعاتي حالت ۾ رڳو آئرن گهٽ هوندو آهي، پر جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وڃي ته اها ”آئرن ڊيفيشنسي انيميا“ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، جنهن ۾ جسم ۾ ڳاڙهي رت جا جزا ٺاهڻ لاءِ مناسب مقدار ۾ آئرن موجود نه هوندو آهي، جنهن سبب شديد ٿڪاوٽ ۽ ڪمزوري پيدا ٿيندي آهي.
تحقيق موجب رڳو آمريڪا ۾ لڳ ڀڳ 15 سيڪڙو عورتون انيميا جو شڪار آهن، جڏهن ته 15 کان 20 سيڪڙو عورتن ۾ آئرن جي گهٽتائي موجود آهي پر انيميا اڃا پيدا نه ٿي آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ آئرن جي کوٽ جي باقاعده اسڪريننگ نه ٿيندي آهي، جنهن سبب ڪيترائي ڪيس وقت سر سڃاتا ناهن ويندا.
آئرن جي کوٽ جي عام علامتن ۾ سخت ٿڪاوٽ، دماغي دنڌلائپ (brain fog)، ڌيان نه لڳڻ، يادداشت ۾ گهٽتائي ۽ مزاج ۾ تبديليون شامل آهن. ڪجهه ماڻهن ۾ ڊپريشن ۽ پريشاني به وڌي سگهي ٿي. ان کانسواءِ جسماني علامتن ۾ ساهه منجھڻ، مٿي کي چڪر اچڻ، مٿو ڳورو محسوس ٿيڻ، وار ڇڻڻ ۽ غير معمولي خواهشون جهڙوڪ برف چٻائڻ شامل آهن
ماهرن موجب حيض دوران رت وڃائڻ آئرن جي گهٽتائي جو سڀ کان وڏو سبب آهي، ڇو ته رت جسم ۾ آئرن جو اهم ذخيرو هوندو آهي. ڪجهه عورتن کي ڳري حيض جو به مسئلو هوندو آهي جنهن جو کين احساس به نه هوندو آهي ۽ اهو آهستي آهستي آئرن جي کوٽ پيدا ڪري ٿو. حمل دوران به آئرن جي کوٽ عام ۽ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي، جيڪا ماءُ ۽ ٻار ٻنهي لاءِ پيچيدگيون پيدا ڪري سگهي ٿي جهڙوڪ وقت کان اڳ ڄمڻ، گهٽ وزن ۽ ٻار جي نشونما ۾ مسئلا.
ان کانسواءِ آئرن جي کوٽ جا ٻيا سبب به ٿي سگهن ٿا جهڙوڪ آنڊن جون بيماريون (IBD، Crohn’s disease)، سيليئڪ بيماري، معدي جا السر يا ڪڏهن ڪڏهن ڪينسر به ان جو اشارو ٿي سگهي ٿو. ڪجهه ماڻهن ۾ وزن گهٽائڻ لاءِ ڪرايل سرجري به غذائي جزن جي جذب ٿيڻ کي متاثر ڪري ٿي، جنهن سان آئرن جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي.
ماهرن موجب آئرن جي کوٽ جو علاج آئرن جون ٽڪيون يا ڊرپ ذريعي ڪيو وڃي ٿو ۽ بهتر علاج جو دارومدار مريض جي حالت تي هوندو آهي. جيڪڏهن علاج نه ڪيو وڃي ته شديد حالتن ۾ رت جي ٽرانسفيوزن جي به ضرورت پئجي سگهي ٿي. ساڳئي وقت بنيادي سبب جو علاج به ضروري آهي، جهڙوڪ ڳري حيض يا ٻين بيمارين جو علاج.
ماهرن جو چوڻ آهي ته آئرن جي سطح بهتر ٿيڻ سان نه رڳو ٿڪاوٽ گهٽجي ٿي پر زندگي جي معيار به بهتر ٿئي ٿو، ڪم ڪرڻ جي صلاحيت وڌي ٿي، ورزش آسان ٿئي ٿي ۽ روزمره جون سرگرميون به بهتر طريقي سان سرانجام ڏئي سگهجن ٿيون.
آخر ۾ ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن عورت کي لڳاتار ٿڪاوٽ، دماغي سستي يا ٻيون اهڙيون علامتون هجن ته ان کي رڳو دٻاءُ يا مصروفيت نه سمجهڻ گهرجي، پر آئرن جي کوٽ جي ٽيسٽ لاءِ ڊاڪٽر سان ضرور رابطو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته وقت سر سڃاڻپ سان زندگي وڌيڪ صحتمند ۽ بهتر ٿي سگهي ٿي.