اسرائيل، ايران سان ٿيندڙ امن معاهدي کي نقصان پهچائي سگهي ٿو: آمريڪي انٽيليجنس جي خبرداري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي انٽيليجنس ادارن ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا کي خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل، ايران سان ٿيندڙ امن معاهدي کي نقصان پهچائي سگهي ٿو.

آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ آمريڪي انٽيليجنس جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو اهڙا قدم کڻي سگهي ٿو جيڪي ايران سان مستقل امن معاهدي لاءِ آمريڪا جي ڪوششن کي متاثر ڪري سگهن ٿا.

عملدارن موجب اسرائيلي وزيراعظم کي لبنان ۾ جنگ جاري رکڻ لاءِ اندروني سياسي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن سبب هو اهڙا فيصلا ڪري سگهن ٿا جيڪي امن عمل کي متاثر ڪن.

انٽيليجنس رپورٽن، جن ۾ هن هفتي گردش ڪندڙ هڪ رپورٽ به شامل آهي، موجب اسرائيل حزب الله خلاف لبنان ۾ فوجي ڪارروايون جاري رکڻ جو ارادو رکي ٿو، جيڪو ايران سان ممڪن معاهدي جي هڪ اهم شرط، يعني سڀني محاذن تي جنگبندي، جي خلاف هوندو.

هڪ آمريڪي عملدار موجب نئين انٽيليجنس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن سال ٿيندڙ قومي چونڊن کي نظر ۾ رکندي، نيتن ياهو جي سياسي بقا ان ڳالهه سان جڙيل آهي ته هو پنهنجي عوام کي ڏيکاري سگهي ته هو لبنان مان فوجون واپس نه گهرائيندو ۽ حزب الله خلاف جنگ کي وڌيڪ تيز ڪندو.

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اسرائيل ڊونلڊ ٽرمپ جي امن منصوبي جي شرطن مان مطمئن ناهي، ڇاڪاڻ تھ انهن شرطن سبب ايران تي وڌ کان وڌ دٻاءُ برقرار رکڻ واري سندس وسيع حڪمت عملي متاثر ٿي سگهي ٿي.

هڪ اڳوڻي آمريڪي عملدار موجب اسرائيل جو خيال آهي ته اهو معاهدو حزب الله خلاف سندس دفاعي صلاحيتن کي محدود ڪري سگهي ٿو.

You might also like