پاڪستان ۾ سون سستو، في تولو اگهه ڪيترو ٿي ويو؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسي ايشن موجب في تولو سون 2 هزار 300 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 52 هزار 936 رپين جو ٿي ويو آهي.

ايسوسيئيشن جي انگن اکرن موجب 10 گرام سون جي قيمت ۾ به 2 هزار 70 رپين جي لاٿ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جو اگهه 3 لک 87 هزار 615 رپيا ٿي ويو آهي.

ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 23 ڊالر گهٽجي 4 هزار 305 ڊالر في اونس تي اچي ويو آهي.

You might also like