واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي عدالت فٽبال ورلڊ ڪپ دوران ايران جو پراڻو پرچم لهرائڻ تي پابندي برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
لاس اينجلس ڪائونٽي جي عدالت هڪ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي فيفا طرفان ايران جي اڳوڻي شاهي دور واري پرچم تي مڙهيل پابندي کي برقرار رکيو آهي.
عدالتي فيصلي موجب، فٽبال ورلڊ ڪپ جي ميچن دوران اسٽيڊيم ۾ رڳو ايران جو سرڪاري (موجوده) قومي پرچم ئي لهرائي سگهجي ٿو.
واضح رهي ته ايران جي اڳوڻي شاهي دور واري پرچم ۾ شينهن ۽ سج جو نشان شامل آهي، جيڪو 1979ع جي اسلامي انقلاب کان اڳ واري دور جي علامت سمجهيو وڃي ٿو.