پاڪ فضائيه جو تربيتي جهاز حادثي جو شڪار، ٻه آفيسر شهيد

مردان (ويب ڊيسڪ) پاڪ فضائيه جو هڪ تربيتي جهاز معمول جي اُڏام دوران مردان ويجهو حادثي جو شڪار ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه آفيسر شهيد ٿي ويا آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، حادثي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ ائير فورس جو فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ پاڪ بحريه جو ليفٽيننٽ طحهٰٰ عباسي شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير، سروسز چيفس ۽ هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.