اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ وفاقي ملازمن، هٿياربند فوج ۽ پينشنرز لاءِ رليف پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
فنانس بل موجب، نئين پي اسڪيلز ۾ 2022 جا 15 سيڪڙو ۽ 2025 جا 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف بنيادي پگهار ۾ ضم ڪيا ويندا. سڀني وفاقي سرڪاري ملازمن کي هلندڙ بنيادي پگهار رننگ بيسڪ پي تي 7 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس ڏنو ويندو، جڏهن ته گريڊ 1 کان 22 تائين جي ملازمن کي ”ڊس پيرٽي ريڊڪشن الائونس 2026“ بنيادي پگهار جي 15 سيڪڙو جي برابر ملندو.
فنانس بل موجب، ڪنوينس الائونس ۾ موجوده رقم کان 50 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي.
سول آرمڊ فورسز لاءِ ”ڪانسٽنٽ اٽينڊنٽ الائونس“ 7 هزار مان وڌائي 30 هزار رپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪابينا ڊويزن جي آفيسرن ۽ عملي جي اسپيشل پي 6 هزار مان وڌائي 20 هزار رپيا ماهوار ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽروي پوليس جي اسڪيل 1 کان 22 جي ملازمن جو اسپيشل الائونس 10 سيڪڙو مان وڌائي 50 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.
اسپيشل ڪنوينس الائونس 6 هزار مان وڌائي 10 هزار رپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سڀني پينشنرز جي بيس لائين پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي.
هي سمورا رليف اپاءَ پهرين جولاءِ 2026 کان لاڳو ٿيندا.