ڳاڙهن چانورن جي ديس لاڙ پٽ ۾ سخت سوڪهڙو، انساني حياتيون خطري ۾

ڀنڀور/ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي/مقصود احمد جوکيو) ضلعي ٺٽي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب زرعي ۽ انساني بحران، ساريالو فصل سڪي ويو، واهن ۾ واري اڏامڻ لڳي. سنڌ جي سامونڊي پٽي واري پوڇڙي واري ضلعي ٺٽي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪري ورتي  آهي، جنهن سبب زرعي فصل سخت متاثر ٿي رهيا آهن. ٺٽي ضلعي جي مختلف واهن، شاخن ۽ بئراجن ۾ پاڻي جي فراهمي انتهائي گهٽجي وڃڻ ڪري ساريالو فصل سڪي ٺوٺ بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي جاءِ تي واري اڏامڻ جا منظر ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. اطلاعن موجب ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي کوٽ 60 سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي، جڏهن ته ڊائون اسٽريم علائقن ڏانهن پاڻي جي فراهمي تقريباً زيرو ٿي چڪي آهي. آبڪلاڻي جي اهم مند دوران پاڻي جي بندش سبب هزارين آبادگار ۽ هاري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. آبادگارن جو چوڻ آهي ته فصلن جي پوک ۽ پيداوار کي بچائڻ لاءِ فوري طور پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ٻي صورت ۾ زرعي معيشت کي وڏو نقصان پهچندو. ان صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ٺٽي مان چونڊيل ايم پي اي ۽ صوبائي وزير رياض شاهه شيرازي چيو آهي ته سنڌ جي هيٺاهين ضلعن ۾ پاڻي جي کوٽ انتهائي خطرناڪ حد تائين پهچي وئي آهي. هن سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڻي جي کوٽ ختم ڪرائڻ لاءِ ترت ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن ته جيئن آبادگارن ۽ عام ماڻهن جي مشڪلاتن جو ازالو ٿي سگهي. صوبائي وزير رياض شاهه شيرازي چيو ته ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان سميت هيٺاهين سنڌ جا علائقا پاڻي جي شديد بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ سنڌ کي پنهنجي آئيني ۽ قانوني حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ کي به پاڻي جي کوٽ بابت مڪمل آگاهي آهي ۽ اميد آهي ته جلد ئي مسئلي جي حل لاءِ مناسب قدم کنيا ويندا. صوبائي وزير وڌيڪ چيو تہ ٺٽو پاڪستان جو پوڇڙ وارو ضلعو آهي، جتي سامونڊي پٽي جي رهواسين کي نه رڳو زرعي پاڻي پر پيئڻ جي صاف پاڻي جي به سخت کوٽ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ رهواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ ميلن جا مفاصلا طئي ڪرڻ تي مجبور آهن، جنهن سبب روزاني زندگي به سخت متاثر ٿي رهي آهي. ٻئي طرف آبادگارن، هارين ۽ سماجي تنظيمن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪوٽڙي بئراج کان هيٺاهين علائقن تائين پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي، ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي وڃي ۽ متاثر علائقن کي هنگامي بنيادن تي رليف فراهم ڪيو وڃي ته جيئن زرعي تباهي ۽ انساني بحران کي روڪي سگهجي. پاڻي جي کوٽ سبب نه رڳو زرعي پيداوار کي خطرو لاحق آهي، پر سامونڊي پٽي ۾ ماحولياتي ۽ معاشي مسئلا به شدت اختيار ڪري رهيا آهن. ساڪرو برانچ ۽ اڏيرو لال برانچ ۾ پاڻي جي کوٽ ھجڻ سبب انھن مان نڪرندڙ 30 کان مٿي شاخن ، نالين ۾ پاڻي جي فراھمي سخت متاثر ٿي وئي آھي معلوم ٿيو آھي تہ ضلعي اندر پاڻي جي پيدا ٿيل شديد بحران سبب ٺٽي جي ھڪ ميونسپل ڪميٽي ٺٽو ۽ ٽائون مڪلي ، ساڪرو ، ڳاڙھو ، گهوڙاٻاري توڙي 40 يونين ڪائونسل جي اڪثريتي شھرن جي واٽر سپلاءِ جي تلائن ۾ پڻ پاڻي جي تيزي سان کوٽ پيدا ٿي رھي آھي.

ارسا پاران پاڻي جي ڪيل غير منصفاڻي ورڇ سنڌ کي سڪائڻ جي سازش آھي:سڄاڻ ڌريون

ڀنڀور/ٺٽو: سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو پيدا ڪيل کوٽ بابت سنڌ جي سڄاڻ ڌرين چيو آهي ته ارسا پاران پاڻي جي ڪيل غير منصفاڻي ورڇ سنڌ کي سڪائڻ جي سازش آھي، ايوانن ۾ آواز اٿاريو وڃي، ان سلسلي  ۾  اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو چيو آھي ته سنڌ جي لاڙ پٽي وارن ضلعن ٺٽو، سجاول، بدين، ٽنڊو محمد خان ۾ پاڻي جي کوٽ 60 سيڪڙو کان وڌي وئي آھي، لاڙ پٽي ۾ سنگين ڏڪاري حالتون پيدا ٿي ويون آھن، اسيمبلي ميمبرن کي آواز بلند ڪرڻ گھرجي، پنجاب وڏي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪري ۽ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، ارسا پاران پاڻي جي ڪيل غير منصفاڻي ورڇ سنڌ کي سڪائڻ جي سازش آھي، جنھن کي سنڌ جو ماڻھو کي ڪنھن صورت ۾ قبول نه ڪندا، هن چيو ته ھڪ طرف سنڌ جي لاڙ پٽي سميت سموري سنڌ پاڻي جي سنگين کوٽ کي منھن ڏئي رھيا آھن ته ٻئي طرف وري پنجاب غير قانوني طور تي ڪينال وھائي سنڌو مان پاڻي کڻي رھيو آھي جنھن جي ڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي، ايس ٽي پي ضلعي صدر سيد جلال شاھ چيو آھي ته ٺٽي ۽ مڪلي نگر شھر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو وڏو بحران پيدا ٿي ويو، پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب زراعت تباھ ٿي وئي آھي، زرعي زمينون مڪمل طور تي بنجر بڻجي ويون آھن، آبي جيوت ۽ انساني زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي. پاڻي جي شديد بحران سبب علائقن مان مالوند ماڻھن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري گھر ڪري وئي آھي، پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ سبب پيئڻ لاءِ پاڻي اڻ لڀ آھي، ھنن چيو ته پاڻي جي شديد کوٽ سبب انساني الميو جنم وٺي سگھي ٿو، پر لاڳاپيل انتظاميا ۽ هتان جي عوام جي ووٽن تان چونڊي ايندڙ سياسي نمائندن ڪوبه تدارڪ نه ڪيو آهي پاڻي جي هتان جي عوام جو جياپو آھي، پاڻي کي بغير انسان توڙي جنگلي جيوت سميت ڪا به شي جئيري نٿي رهي سگهي، ان سلسلي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌو ۾ پاڻي جي پھريان ئي شديد کوٽ آھي ڪوٽڙي کان ھيٺ ضرورت مطابق پاڻي نـ اچڻ ڪري ڊيلٽائي خطو برباد ٿي ويو آھي ڪچي جي 30 لک ايڪڙ زمين ڪلراٺي ٿي وئي 8 لک ايڪڙن تي بيٺل ٻيلو ختم ٿي ويو دنيا درياھن کي انساني حق پئي ڏئي ھن ملڪ ۾ درياھن جا رخ موڙيا ويا آھن، ٺٽي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ڏڪاري حالتون پيدا ٿي ويون آھن، اڳوڻي ايم پي اي سيد امير حيدر شاھ شيرازي چيو آھي تہ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ سامونڊي پٽي جا ماڻهو ٻيٽن ۽ ڪريڪن تي غير قانوني بااثر ماڻهن جي قبضي سبب به سخت معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهن، روزگار جا وسيلا ختم ٿيڻ سبب سامونڊي پٽي خالي ٿيڻ لڳي آهي، لڏپلاڻ تيزيءَ سان جاري آهي ۽ سوين ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، انڊس ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ جو اڳتي وڌڻ  آباد زمينون بنجر ڪري رهيو آهي، جنهن سبب تاريخي شهر کاروڇاڻ، سڄڻ واري، ڪيٽي بندر، ڳاڙھو، جھالو، جوھو ۽ گھوڙاٻاري سميت سامونڊي پٽي جا علائقا انساني آبادي کان خالي ٿي ويا آهن اتان جا ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور آهين انهن ماڻهن سدائين شيرازي برادرن  کي ووٽ ڏنا آهين اقتدار ۾ هجون يا هجون انهن مظلوم ماڻهن کي هن ڏک جي گهڙي ۾ اڪيلو نه چڏبو ڪينال ٺاهڻ بند نه ڪيا ويا ته ڌما ڌم مست قلندر ڪيو ويندو، جيئي سنڌ قومي. محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آھي ته پيپلز پارٽي غير قانوني ڪئنالن ٺاھڻ ۾ پنجاب سان گڏ آھي ڏاڍ جي بنياد تي سنڌو درياءُ تان اسان جو حق ختم ڪيو پيو وڃي ڪئنال ٺھيا تـ ڇھ ڪروڙ سنڌي دربدر ٿي ويندا، پاڻي جي شديد بحران سبب حالت اھا آھي جو پوڇڙ وارن علائقن ۾ لاشن کي غسل ڏيڻ جيترو پاڻي ناھي ھن سال ساريالو فصل بہ نہ ٿي سگھندو. ھن چيو ته پ پ جي سياست منافقت تي ٻڌل آھي پ پ ن ليگ هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهين.

انهن مان سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ ٻٻر کان  ٻير برابر آهي سنڌ جي پاڻي جي ڌاڙي تي جسقم جا قومي ڪارڪن سدائين ميدان عمل ۾ رهيا آهين وفاق ڊيم ٺاهڻ بند نه ڪيا ته پنجاب جا رستا بند ڪري ويهي رهنداسين.

ڪلري بگهاڙ واهه ۾ 28 سئو ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي

 

ڀنڀور/ٺٽو: ڪوٽڙي بئراج وٽان ٺٽي ۽ ڪراچي ضلعن کي پاڻي فراھم ڪندڙ 9 ھزار ڪيوسڪ واري مک ڪلري بگهاڙ واھ اپر  ۾ مٿانھن کان پاڻي جي کوٽ ھجڻ جو جاوز ڄاڻائي مورڳو 28 سئو ڪيوسڪ پاڻي جي فراھمي ڪئي پئي وڃي جڏھن ته ڪلري بگهاڙ واھ اپر ۾ پاڻي جي گهٽ فراھمي ھجڻ ڪري ٺٽي ضلعي جي 4 تعلقن ٺٽو ، ميرپورساڪرو ، گهوڙاٻاڙي ۽ ڪيٽي بندر کي پاڻي مھيا ڪندڙ ڪلري بگهاڙ واہ لوئر ۾ پاڻي جي گهٽ ھجڻ ڪري ان مان نڪرندڙ مک 3 واھن (برانچن) ڄام واهه، ساڪرو برانچ ۽ اڏيرو لال برانچ ۾ پاڻي جي کوٽ ھجڻ سبب انھن مان نڪرندڙ 30 کان مٿي شاخن ، نالين ۾ پاڻي جي فراھمي سخت متاثر ٿي وئي آھي معلوم ٿيو آھي ته ضلعي اندر پاڻي جي پيدا ٿيل شديد بحران سبب ٺٽي جي ھڪ ميونسپل ڪميٽي ٺٽو ۽ ٽائون مڪلي ، ساڪرو ، ڳاڙھو ، گهوڙاٻاري توڙي 40 يونين ڪائونسل جي اڪثريتي شھرن جي واٽر سپلاءِ جي تلائن ۾ پڻ پاڻي جي تيزي سان کوٽ پيدا ٿي رھي آھي ، شھري توڙي ٻھراڙي وارين وسندين ۾ تيزي سان پيئڻ جي پاڻي جي بحران پيدا ٿيڻ ڪري انساني زندگي سان گڏ چوپائي مال جي پڻ اڃ وگهي تڙپڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آھي ٻئي پاسي ٺٽي جي مک واھن ڪلري بگهاڙ  واهه اپر ۽ لوئر توڙي انھن مان نڪرندڙ  برانچن ڄام  واهه، ساڪرو برانچ ۽ اڏيرو لال برانچ ۾ پاڻي جي بحران وڌڻ ڪري ضلعي ۾ ساريال جي پوکيءَ جي پڻ سخت متاثر ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آھي.

لاڙ جي  ڪچي جي 30 لک ايڪڙ زمين ڪلراٺي، 8 لک ايڪڙن تي بيٺل ٻيلو

ڀنڀور/ٺٽو: ڪوٽڙي کان ھيٺ ضرورت مطابق پاڻي نـ اچڻ ڪري ڊيلٽائي خطو برباد ٿي ويو آھي لاڙ جي  ڪچي جي 30 لک ايڪڙ  زمين ڪلراٺي ٿي وئي 8 لک ايڪڙن تي بيٺل ٻيلو ختم ٿي ويو مٺو پاڻي اھو سمنڊ کي وڌڻ کان روڪيندو ھو ھاڻ سمنڊ ھر مھيني ساحل جي 150 ايڪڙ زمين کائي رھيو آھي ان  لاڙ پٽي علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، مقامي ماڻهو پئيڻ جي صاف پاڻي لاءِ پريشان آهن، جڏهن ته آبادگار اپريل مهيني ۾ سارين جي روايتي پوکائي به نه ڪري سگهيا لاڙ وارن علائقن تائين پاڻي نه ٿو پهچي مقامي آبادگارن، خاص طور  گهوڙا ٻاري ، ڪيٽي بندر ۽ ميرپور ساڪرو ۾جيڪڏهن پاڻي جي صورتحال اهڙي رهي ته زرعي معيشت تباهه ٿي ويندي.  پيئڻ جو پاڻي  فصل پوکڻ جو وسيلو. اپريل مهيني ۾ سارين جي پوک جو وقت آهي، پر هتي پاڻي ئي ناهي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ سامونڊي پٽي جا ماڻهو ٻيٽن ۽ ڪريڪن تي غير قانوني بااثر ماڻهن جي قبضي سبب به سخت معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهن، روزگار جا وسيلا ختم ٿيڻ سبب سامونڊي پٽي خالي ٿيڻ لڳي آهي، لڏپلاڻ تيزيءَ سان جاري آهي ۽ سوين ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، انڊس ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ جو اڳتي وڌڻ  آباد زمينون بنجر ڪري رهيو آهي، جنهن سبب تاريخي شهر کاروڇاڻ، سڄڻ واري، ڪيٽي بندر، ڳاڙھو، جھالو، جوھو ۽ گھوڙاٻاري سميت سامونڊي پٽي جا علائقا انساني آبادي کان خالي ٿي ويا آهن اتان جا ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور آهن.

سنڌ کي 1991 جي معاهدي تحت پاڻي نه پيو ڏنو وڃي:ڄام خان شورو

ڪراچي(رپورٽر) آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته سنڌ کي 1991 جي آبي معاهدي تحت ان جو مقرر حصو  نه ڏنو پيو وڃي، جنهن سبب زرعي شعبي تي سخت دٻاءُ آهي. سنڌ حڪومت صوبي جي حصي ۾ پاڻي جي مسلسل گهٽتائي ۽ سخت آبي بحران تي وفاقي حڪومت سان باضابطه رابطو ڪندي وزيراعظم کي خط موڪلي ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته هن وقت سنڌ کي لڳ ڀڳ 41 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو آهي. معاهدي موجب سنڌ کي 99 هزار 7 سؤ ڪيوسڪ پاڻي ملڻ گهرجي ها، پر هن وقت رڳو 57 هزار ڪيوسڪ ڏنو پيو وڃي. ڄام خان شورو مطابق پنجاب کي 98 هزار ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي جڏهن ته ان جو مقرر حصو 1 لک 9 هزار 1 سؤ ڪيوسڪ آهي، جنهن مطابق ان کي به لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو گهٽتائي آهي. پريس ڪانفرنس ۾ ڄام خان شورو چيو ته سنڌ ۾ چانورن جي پوک سڀ کان پهرين شروع ٿئي ٿي، پر پاڻي جي کوٽ سبب فصل متاثر ٿي رهيا آهن ۽ زرعي زمينون بنجر ٿيڻ جو خطرو آهي، سنڌ جي زرعي پيداوار ملڪ جي ڊي پي ۾ لڳ ڀڳ 23 سيڪڙو حصو وجهي ٿي، پر موجوده صورتحال ۾ هارين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، هن ڊيمن ۽ درياهن جي صورتحال جو حوالو ڏيندي چيو ته گذريل سال جي مقابلي ۾ آبي صورتحال بهتر هئڻ باوجود سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي نه پيو ملي، گڊو بيراج تي گذريل سال 1 لک ڪيوسڪ پاڻي موجود هو جڏهن ته هن وقت اها مقدار 75 هزار ڪيوسڪ آهي.ارسا طرفان پاڻي جي ورڇ ۾ ناانصافي ٿي رهي آهي، جنهن جا اثر سنڌ جي معيشت تي به پئجي رهيا آهن، ميرپورخاص، دادو ۽ بدين جا هاري وڌيڪ متاثر ٿيا آهن جڏهن ته ڪپهه جي فصل کي نقصان پهتو آهي، سنڌ جي وڏي وزير مراد  علي شاهه به وزيراعظم کي خط لکي پنهنجن خدشن بابت آگاهه ڪيو آهي.

پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ جون زمينون تباهه ڪيون پيون وڃن:زين شاهه

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪمار اوڏ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه چيو آهي ته سنڌو درياهه مان پاڻي کڻي چشما-جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا-پنجند ڪئنال ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب سنڌ جي آبادگارن، خاص ڪري هيٺين سنڌ جي زرعي علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، هن چيو ته سنڌ اڳ ئي ڪيترن ئي سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، جن ۾ پاڻي جي کوٽ، زرعي بحران، ٻوڏن کان پوءِ تباهه ٿيل فصل، ۽ ڪئنالن ذريعي غير منصفاڻي پاڻي ورڇ جهڙا اهم معاملا شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي متاثر آبادگارن سان گڏجي سڄي سنڌ ۾ منظم احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي، سيد زين شاهه چيو ته سنڌ جا آبادگار اڳ ئي مهانگائي، ڀاڻ جي قيمتن ۾ واڌ، ڊيزل جي مهانگي ۽ زرعي پيداواري لاڳت ۾ اضافي سبب سخت پريشاني ۾ آهن. پاڻي جي کوٽ سبب فصل سڪي رهيا آهن، جنهن سان زرعي معيشت کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي حصي جو پاڻي 1991 واري پاڻي ٺاهه موجب فوري ۽ منصفاڻي انداز ۾ يقيني بڻايو وڃي، هن غير منصفاڻي ڪئنال منصوبن تي نظرثاني، پاڻي جي شفاف ورڇ، ۽ هيٺين سنڌ تائين پاڻي جي پهچ يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو، هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ جي پاڻي جي حقن کي نظرانداز ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ۽ سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو ويندو.

پيپلز پارٽي ڪرسي خاطر سنڌو درياهه وڪرو ڪيو آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد  حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، نور نبي پليجو ۽ ايڊووڪيٽ آصف کوسو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته صوبن جي بجيٽ مان 920 ارب روپين جي ڪٽوتي ڪري ارڙهين آئيني ترميم کي عملي طور بي اثر بڻايو پيو وڃي، اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ صوبن جي بجيٽ مان ڪٽوٽي وارو فيصلو ملڪ دشمن آهي. صوبن جي بجيٽ مان ڪٽوٽي بيروزگاري ۾ اضافو آڻيندي، بجيٽ مان ڪٽوٽي ڪري ترقي جي شعبي کي مڪمل طور تباهه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته جناح جو پاڪستان صوبائي خودمختياري جي ضمانت ڏئي ٿو. بلاول شهباز اتحادي سرڪار جناح بدران جنرل ايوب جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي، ٻئي پاسي سنڌ ۾ وڌندڙ پاڻيءَ جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته هي کوٽ ڪا قدرتي نه پر هٿرادو آهيم پيپلز پارٽي ڪرسي خاطر سنڌو درياهه وڪرو ڪيو آهي، جنهنڪري پنجاب جا ٻوڏن وارا ڪئنال وهي رهيا آهن. وزير اعليٰ مراد علي شاهه جو پاڻي متعلق وزير اعظم کي خط ڍونگ ۽ فراڊ آهي، چئني صوبن کي برابر پاڻي کوٽ ڏيڻ وارو وڏي وزير جو موقف سنڌ ۽ ملڪ دشمن آهي، ڪنهن صوبي کي کوٽ نه ملڻ گهرجي، پاڻي جي ورهاست سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه 1945ع تحت ڪئي وڃي.

ٺٽو : پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ سبب پيئڻ لاءِ پاڻي اڻلڀ

ڀنڀور/ٺٽو: پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ سبب پيئڻ لاءِ پاڻي اڻلڀ آھي، نتيجي ۾ تاريخي شهر کاروڇاڻ، سڄڻ واري، ڪيٽي بندر، ڳاڙھو، جھالو، جوھو ۽ گھوڙاٻاري سميت سامونڊي پٽي جا علائقا پاڻي نه هئڻ ڪري انساني آبادي کان خالي ٿي رهيا آهن. سامونڊي ٻيٽن ڪريڪن ڪوبر واڙي، ترڇاڻ، حجامڙو، انڀرا، ڀوري، سوکي ۽ ٻين ڪريڪن ٻيٽن تي آباد هزارين ماڻهو اتان هليا ويا آهن، جتي ڇڏيل نشانيون مسجدون قبرستان اڄ به سندن صدين کان آباد ۽ خوشحال هئڻ جا شاهد بڻيل آهن، سامونڊي پٽي جي پڇڙي وارين شاخن انڊو، دارسي، خاڻاني، مليرڙي، جھالو، گهوڙاٻاري، جوھو، ٻن ڳاڙھو جي پڇڙي ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ سبب هزارين ايڪڙن زرعي زمينون غير آباد ٿيڻ ڪري 50 سيڪڙو زراعت سان تعلق رکندڙ طبقو بيروزگار ٿي چڪو آهي.

سامونڊي پٽي جي 35 سيڪڙو ماهيگيري سان تعلق رکندڙ طبقو مڪمل طور تي  بيروزگار

ڀنڀور/ٺٽو: ساحلي پٽي جي 35 سيڪڙو ماهيگيري سان تعلق رکندڙ طبقو مڪمل طور تي  بيروزگار بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري هتان جو پورهيت طبقو  ابراهيم حيدري، ملير، گهگهر، گلشن حديد، ڌاٻيجي، ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي هليا ويا  آهن، هن علائقي جا خوشحال خاندان ٻين هنڌ تي وڃي مزدوري ڪرڻ ۽ پني پيٽ پالڻ تي مجبور آهن. سامونڊي پٽي جي علائقن مان تيزي سان ٿيندڙ لڏپلاڻ کي ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايندڙ 10 سالن اندر هتان 70 سيڪڙو انساني آبادي لڏپلاڻ ڪري چڪي هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.