ٻارن کي سوشل ميڊيا جي محدود استعمال جي اجازت ڏيڻ بابت شوبز، سياست ۽ ٽيڪنالاجي جي اهم شخصيتن ۾ اتفاق ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.
ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا جي استعمال کي محدود ڪرڻ بابت جتي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ بحث جاري آهي ۽ ڪجهه ملڪ ان حوالي سان قانون سازي پڻ ڪري رهيا آهن، اتي شوبز، سياست ۽ ٽيڪنالاجي جي اهم شخصيتون به ان معاملي تي متفق نظر اچن ٿيون.
ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اوباما پنهنجي ڌيئرن کي فيس بڪ کان پري رکيو، جڏهن ته برطانوي شاهي خاندان ٻارن جي اسڪرين ٽائيم تي سخت پابندي جا حامي آهن.
ٽيڪنالاجي جي وڏن نالن بل گيٽس، اسٽيو جوبس، مارڪ زڪربرگ به ٻارن جي غير محدود اسڪرين ٽائيم جي مخالفت ڪئي آهي، جڏهن ته نيل موهن،سوسن ووجيڪڪي، سُندر پچائي به ٻارن جي ڊجيٽل پهچ محدود ڪرڻ ۽ 14 سالن جي عمر کان اڳ سمارٽ فون نه ڏيڻ جي حمايت ڪن ٿا.
جارج ڪلوني، ڪيرا نائٽلي، شڪيرا سميت ٻيا عالمي ستارا ۽ فلمي شخصيتون پڻ ٻارن کي سوشل ميڊيا کان پري رکڻ يا ان تائين پهچ محدود ڪرڻ واري پاليسي جي حق ۾ آهن.
ڊجيٽل دور ۾ جتي سوشل ميڊيا ٻارن جي زندگيءَ جو لازمي حصو بڻجندي پئي وڃي، اتي دنيا جون مشهور شوبز شخصيتون، حڪمران اڳواڻ ۽ ارب پتي ڪاروباري شخصيتون مختلف رستو اختيار ڪندي نظر اچن ٿيون.
”ٻارن کي موبائيل ۽ سوشل ميڊيا کان پري رکو“ عالمي اڳواڻن ۽ ماهرن جي سخت تنبيهه
You might also like