مري (ويب ڊيسڪ) مري ۾ سياحن جي وين حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 سياح سڙي فوت ٿي ويا.
ڊپٽي ڪمشنر مري آغا ظهير عباس شيرازي موجب، مري ايڪسپريس وي تي کجٽ واري هنڌ سياحن جي وين حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن ۾ هينئر تائين 10 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن کي فوري طبي امداد لاءِ ويجهن اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.
ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته مسافر وين ۾ سوار 23 ڄڻن جو تعلق ملتان سان هو، مسافر رات 2 وڳي ملتان کان مري جي سفر لاءِ روانا ٿيا هئا.
هن چيو ته گاڏي تيز رفتاري سبب روڊ جي ڪناري واري ڀت سان ٽڪرائجي وئي، جنهن کانپوءِ گاڏي جي انجڻ ۾ باهه لڳي وئي ۽ سلائيڊنگ دروازو به لاڪ ٿي ويو.
موٽر وي پوليس موجب، مري ايڪسپريس وي تي وين حادثي ۾ 13 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن، جن کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
Prev Post
You might also like