اسرائيل ۽ ايران ٻئي فوري جنگ بندي چاهين ٿا:ٽرمپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسرائيل ۽ ايران ٻئي فوري جنگ بندي چاهين ٿا.
آمريڪي صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽفارم تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسرائيل ۽ ايران ٻنهي جي خواهش آهي ته فوري جنگ بندي ٿئي.
هن چيو ته امن بابت حتمي ڳالهيون جاري آهن، پر چريائپ يا بيوقوفي ان عمل ۾ رنڊڪ بڻجي سگهي ٿي.
هن چيو ته حتمي معاهدي تائين ناڪابندي برقرار رهندي ۽ مڪمل شدت سان لاڳو رهندي.
سندس چوڻ هو ته معاملن کي تيزي سان اڳتي وڌڻ گهرجي.
واضح رهي ته ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ گذريل ڏينهن کان هڪ ٻئي تي ڪيترائي حملا ڪيا ويا آهن.
رپورٽن موجب، صدر ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم بينيامين نتين ياهو سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو هو.
ان دوران علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي ڪارروائين جو سلسلو جاري رهيو، جڏهن ته ايران به اسرائيلي حملن جي جواب ۾ جوابي ڪارروائيون ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.