چار ڀيرا ورلڊ ڪپ فاتح جي درست اڳڪٿي ڪندڙ هن سال ٽرافي کٽيندڙ ٽيم جو نالو ٻڌائي ڇڏيو

فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ٿيڻ وارو آهي، هي تاريخ جو سڀ کان وڏو عالمي ڪپ آهي جنهن ۾ 48 ٽيمون ۽ 1248 رانديگر حصو وٺندا.
آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪئناڊا ۾ گڏيل طور تي ٿيندڙ ٽورنامينٽ ۾ 48 ٽيمن کي 12 گروپ ۾ ورهايو ويو آهي، هر گروپ 4 ٽيمن تي ٻڌل آهي ۽ ڪُل 104 ميچون کيڏيون وينديون.
اي اي اسپورٽس ايف سي، جيڪا 2010 کان مسلسل چئن ورلڊ ڪپس جي فاتح جي درست اڳڪٿي ڪري چڪي آهي، هاڻي 2026 جي ورلڊ ڪپ جي فاتح جي اڳڪٿي ڪندي اسپين جو نالو کنيو آهي.
اي اي اسپورٽس اڳ ۾ 2010 ۾ اسپين، 2014 ۾ جرمني، 2018 ۾ فرانس ۽ 2022 ۾ ارجنٽينا جي فتح جي درست اڳڪٿي ڪئي هئي.
ان کانسواءِ اوپٽا سپر ڪمپيوٽر به ساڳي اڳڪٿي ڪئي آهي، هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي(اَي آءِ) انٽيليجنس تي ٻڌل هي ماڊل ڊيٽا جي بنياد تي ٽورنامينٽ کي 10 هزار کان وڌيڪ ڀيرا ڊجيٽل طور سموليٽ ڪري نتيجا ٻڌائيندو آهي، جنهن موجب اسپين جي ڪپ کٽڻ جا سڀ کان چٽا امڪان آهن.
ٽورنامينٽ ۾ هر گروپ مان پهرين ۽ ٻئي نمبر تي ايندڙ ٽيمون ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ وينديون ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رائونڊ آف 32 جي شروعات ٿيندي.
ٻئي پاسي موسمياتي تبديلين جي اثرن سبب ورلڊ ڪپ جون ڪيئي ميچون متاثر ٿيڻ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته هن وڏي ميلي جو آخري دنگل 12 جولاءِ تي ميگا ايونٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.