ممبئي (ويب ڊيسڪ) تازو ڪپتاني تان هٽايل ڀارتي ڪرڪيٽر سوريا ڪمار يادوَ، شرياس اَئيَر جي قومي ٽي ٽوئنٽي جو ڪپتان مقرر ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي ان کي فخر جوڳو لمحو قرار ڏنو آهي.
ممبئي ٽي ٽوئنٽي ليگ دوران هڪ انٽرويو ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سوريا ڪمار يادوَ، شرياس اَئيَر کي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتاني ملڻ تي ردعمل ڏيندي چيو ته ”مان شرياس اَئيَر لاءِ ڏاڍو خوش آهيان، اسان گڏجي ممبئي ۽ ڀارت لاءِ تمام گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي آهي.“
سوريا ڪمار يادوَ وڌيڪ چيو ته ”سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هاڻي ممبئي مان لڳاتار 3 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪپتان آيا آهن، جيڪو اسان سڀني لاءِ، خاص ڪري ممبئي ڪرڪيٽ لاءِ فخر جوڳو لمحو آهي.“
ياد رهي ته شرياس اَئيَر کي سوريا ڪمار يادوَ جي جاءِ تي ڀارتي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت سونپي وئي آهي، جڏهن ته اڳوڻي ڪپتان سوريا ڪمار يادوَ کي آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي دورن کانسواءِ ايشين گيمز لاءِ به اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو آهي.