آزاد ڪشمير: پابندي مڙهيل عوامي ايڪشن ڪميٽي جا 72 ڄڻا گرفتار، هٿيار ۽ شڪي دستاويز هٿ

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڄمون ڪشمير ۾ پابندي مڙهيل عوامي ايڪشن ڪميٽيءَ جي 72 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) پوليس جي ترجمان موجب، گرفتار ٿيلن جي قبضي مان هٿيار، مواصلاتي ڊوائس ۽ شڪي دستاويز هٿ آيا آهن.
ترجمان جو چوڻ آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم جا ڪجهه عنصر عوامي مسئلن جي نالي تي امن امان خراب ڪري رهيا آهن، امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي اجازت نه ڏني ويندي.
ترجمان موجب، قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، گرفتار جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ضروري قانوني اپاءَ ورتا پيا وڃن.
ٻئي پاسي آزاد ڪشمير ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي 9 جون تي هڙتال واري سڏ تي زندگيءَ جو ڪاروهنوار متاثر ٿيو آهي، انٽرنيٽ سروس به معطل آهي، مظفر آباد، باغ ۽ ميرپور ۾ فليگ مارچ ڪيو ويو.
هڙتال سبب بازارون بند ٿيڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي بازارن ۾ ماڻهن جي پيهه آهي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ پيٽرول جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جتي پيٽرول دستياب آهي اتي گاڏين جون قطارون لڳل آهن.
وزيراعظم آزاد ڪشمير فيصل ممتاز راٺوڙ جو چوڻ آهي ته آزاد ڪشمير ۾ حالتون جنهن پاسي وڃي رهيون هيون، ايڪشن ڪميٽيءَ تي پابندي لڳڻي ئي هئي.
هن چيو ته 38 نڪتن مان ڪجهه مڪمل ۽ ڪجهه جزوي حد تائين مڪمل ٿيا آهن، جيڪڏهن ڳالهيون ٿين ها ته باقي نڪتن تي به عملدرآمد يقيني ٿي وڃي ها، پناهگيرن جي سيٽن جي خاتمي لاءِ هڪ هفتي جو وقت گهريو جيڪو ايڪشن ڪميٽيءَ نه ڏنو.
سندس چوڻ هو ته رياست ماحول کان وڳوڙن ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش برداشت نٿي ٿي سگهي، عوام لاءِ چونڊ پليٽ فارم کليل آهي، اچو چونڊون وڙهو، حقن جي ڳالهه ڪرڻ غلط ناهي پر حقن جي بنياد تي پنهنجي رياست بيهارڻ ممڪن ناهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن آزاد ڪشمير حڪومت ڄمون ڪشمير جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽيءَ کي ڪالعدم تنظيم قرار ڏنو هو، ڪالعدم ڄمون ڪشمير جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽيءَ 9 جون تي هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.