ڊگهي زندگي چاهيو ٿا ته پٽاٽن جي چپس کان پاسو ڪيو، ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

طبي تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پٽاٽا پنهنجي اصل شڪل ۾ نه، پر تريل صورت ۾ صحت لاءِ وڌيڪ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته فرينچ فرائز جو مسلسل استعمال ٽائپ ٽو شگر جي خطري ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اٽڪل 37 سالن تائين جاري رهندڙ هن تحقيق ۾ 2 لک 5 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جو ڊيٽا شامل ڪيو ويو، جن مان وقت سان گڏ 22 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ شگر جي سڃاڻپ ٿي. تحقيق موجب هفتي ۾ ٽي ڀيرا فرينچ فرائز کائڻ سان ٽائپ ٽو شگر جو خطرو لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿو، جڏهن ته ساڳئي مقدار ۾ اُٻاريل يا ٻاڦ تي پچايل پٽاٽا کائڻ سان اهڙو ڪو خطرو سامهون نه آيو.

ماهرن موجب اصل مسئلو پٽاٽا نه پر انهن کي ڊيپ فرائي ڪرڻ جو عمل آهي، جنهن سان چرٻي ۽ ڪيلورين جو مقدار وڌي وڃي ٿو ۽ جسم جي انسولين واري نظام تي ناڪاري اثر پوي ٿو.

رپورٽ موجب تحقيق مان اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته رڳو نقصانڪار غذائن کان پاسو ڪرڻ ڪافي ناهي، پر انهن جي جاءِ تي ڪهڙي غذا اختيار ڪئي وڃي ٿي، اهو به صحت تي گهرو اثر وجهي ٿو. ماهرن شگر کان بچاءُ لاءِ فائبر سان ڀرپور غذائن کي ترجيح ڏيڻ جي صلاح ڏني آهي. تحقيق موجب جيڪڏهن ڪو ماڻهو هفتي ۾ ٽي ڀيرا کائڻ وارا فرينچ فرائز گهٽائي انهن جي جاءِ تي فائبر سان ڀرپور غذائون استعمال ڪري ته ٽائپ ٽو شگر جو خطرو لڳ ڀڳ 8 سيڪڙو گهٽ ٿي سگهي ٿو. اهڙيون غذائون آهستي آهستي هضم ٿينديون آهن، جنهن سبب رت ۾ کنڊ جي سطح اوچتو نه وڌندي آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻ ملي آهي ته سڀ کان نمايان فائدو تڏهن ڏٺو ويو جڏهن فرينچ فرائز جي جاءِ تي غير ريفائن ٿيل اناج استعمال ڪيو ويو. تحقيق موجب اهڙي تبديلي سان شگر جو خطرو 19 سيڪڙو تائين گهٽجي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته غير ريفائن ٿيل اناج جسم ۾ کنڊ جي توازن کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

ٻئي پاسي تحقيق ۾ اڇن چانورن بابت به خبردار ڪيو ويو آهي. ماهرن موجب اُٻاريل يا بيڪ ڪيل پٽاٽن جي جاءِ تي اڇا چانور استعمال ڪرڻ فائدي وارو ناهي، اهڙي تبديلي سان ٽائپ ٽو شگر جو خطرو وڌيڪ وڌي سگهي ٿو. غذائي ماهرن جو چوڻ آهي ته اڇا چانور ريفائن ٿيل ڪاربوهائيڊريٽ آهي، جيڪو جلدي هضم ٿي رت ۾ گلوڪوز جي سطح تيزي سان وڌائي سگهي ٿو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته متوازن ۽ قدرتي غذائن جو استعمال ڊگهي مدي ۾ شگر ۽ انسولين مزاحمت جي خطرن کي نمايان طور گهٽائي سگهي ٿو. طبي ماهرن صلاح ڏني آهي ته تريل شين کان پاسو ڪيو وڃي، پٽاٽا کي اُٻاري يا ٻاڦ تي پچائي استعمال ڪيو وڃي ۽ خوراڪ ۾ غير ريفائن ٿيل اناج کي ترجيح ڏني وڃي.

نوٽ: هي معلوماتي خبر آهي. ڪنهن به بيماري جي تشخيص يا علاج لاءِ پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح ضرور ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.