واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا وٽ ايران جي زمين اندر محفوظ رچايل يورينيم ذخيرا حاصل ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، پر في الحال ائين ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي.
صدر ٽرمپ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نتن ياهو ۽ حزب الله جي نمائندن سان لبنان جي صورتحال تي ڳالهه ٻول ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪجهه اڳڀرائي به ٿي آهي.
ٻئي پاسي لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ آمريڪا جي ٽياڪڙي ۾ ٿيندڙ جنگبندي کي حزب الله رد ڪري ڇڏيو آهي.
حزب الله جي سربراهه نعيم قاسم ان معاهدي کي شرم جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو اصل ۾ لبنان جي هڪ حصي کي تباهه ڪرڻ جو منصوبو آهي.
هن خبردار ڪيو ته جيستائين اسرائيل لبنان تي حملا جاري رکندو، تيستائين اتر اسرائيل حزب الله جي نشاني تي هوندو.
ان کانسواءِ لبنان جي مختلف علائقن ۾ اسرائيلي فضائي حملن جو سلسلو جاري آهي، جن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ۽ زخمي ٿيا آهن.
لبنان جي صحت واري وزارت موجب، مارچ کان وٺي هينئر تائين اسرائيلي حملن ۾ هزارين ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن.
گڏيل قومن ڏکڻ لبنان ۾ هڪ اهڙي حملي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي امن فوج جو هڪ اهلڪار مارجي ويو جڏهن ته ٻيا ٻه زخمي ٿيا.
هوڏانهن اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي ميزائل حملي ۾ سندس هڪ فوجي پڻ مارجي ويو آهي، جڏهن ته غزا ۾ به جنگبندي جي دعوائن جي باوجود اسرائيلي حملا جاري آهن.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي ڪارروائين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 11 فلسطيني شهيد ۽ 32 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.
فلسطيني اختيارين موجب، غزا جي انساني صورتحال مسلسل خراب ٿي رهي آهي، جڏهن ته عالمي برادري کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.
وچ اوڀر ۾ جاري اها ڇڪتاڻ خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ وڏو چئلينج بڻجي چڪي آهي، جڏهن ته ايران، اسرائيل، لبنان ۽ غزا بابت اڳڀرائي تي عالمي طاقتن جون نظرون کتل آهن.