”آءِ پي ايل ڪرڪيٽ جي تباهي آهي“ ليام ليونگسٽن جا ڀارتي ليگ بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽر ليام ليونگسٽن آءِ پي ايل (انڊين پريميئر ليگ) جي موجوده ڪنڊيشن تي تنقيد ڪندي ان کي راند لاءِ هاڃيڪار قرار ڏئي ڇڏيو.
آءِ پي ايل فرنچائز سن رائزرز حيدرآباد جي نمائندگي ڪندڙ آل رائونڊر ليام ليونگسٽن چيو ته ٽورنامينٽ ۾ بيٽنگ لاءِ انتهائي سازگار ڪنڊيشن سبب ڪرڪيٽ جو توازن بگڙي رهيو آهي.
هن مثال ڏيندي چيو ته هڪ ٽيم 230 کان وڌيڪ رنسن جو هدف رڳو 18 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حالتون بيٽنگ لاءِ غير معمولي حد تائين سوليون ٿي ويون آهن.
هن چيو ته مسلسل وڏن اسڪورن ۽ ڇڪن جي برسات سبب ميچن جي دلچسپي گهٽجي رهي آهي، شوقين هر ميچ ۾ رڳو هاءِ اسڪورنگ ڏسي رهيا آهن، جنهن سان راند جي اصل مقابلي واري روح تي اثر پوي ٿو.
هن چيو ته فليٽ وڪيٽن، ”امپيڪٽ پليئر“ وارو قانون ان رجحان جو ڪارڻ آهن، اهڙي صورتحال ۾ بالر پنهنجي صلاحيتن جو مڪمل اظهار نٿا ڪري سگهن، جنهن سان راند هڪ طرفي محسوس ٿئي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.