ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار منوج باجپائي چيو آهي ته هو ڪيترائي ڀيرا اداڪاري مڪمل طور تي ڇڏڻ بابت سوچي چڪو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب57 ورهين جو منوج باجپائي ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي فلمن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيل اداڪار هڪ خانگي انٽرويو ۾ ڳالهائيندي چيو ته هاڻي هو سينيما جي هڪ هلڪي ڦلڪي رخ کي آزمائڻ جو خواهشمند آهي، جنهن ۾ ڪمرشل تفريحي فلمون ۽ مزاحيه ڪاميڊي شامل آهن.
هن چيو ته هو اهڙا ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو جيڪي کيس انهن جذباتي طور ڳرن ڪردارن کان ڪجهه پري وٺي وڃن، جن جي ڪري هو عام طور سڃاتو وڃي ٿو.
رپورٽ موجب جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا هو پوڙهائپ ۾ به اداڪاري جاري رکندو ته هن وراڻيو ته گذريل لڳ ڀڳ 10 سالن کان ڪڏهن ڪڏهن سندس دل چاهيندي آهي ته اداڪاري ڇڏي ڏئي، پر پوءِ ڪو اهڙو ڪردار سامهون اچي ويندو آهي جو هو ٻيهر ان ڏانهن موٽي ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته هو اداڪاري کي مجبوري طور نٿو ڪرڻ چاهي، رڳو گهر جو خرچ هلائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ پسند نٿو ڪري. هو رڳو اهي ڪردار قبول ڪرڻ چاهي ٿو، جن کي نڀائڻ سان کيس خوشي ۽ اطمينان ملي.
رپورٽ موجب 1998ع جي بلاڪ بسٽر فلم ”ستيا“ ذريعي شهرت ماڻيندڙ منوج باجپائي چيو ته اڄڪلهه سندس تمام گهڻي خواهش آهي ته هو ڪا ڪمرشل فلم ڪري، جيتوڻيڪ هو گهڻي عرصي کان اهڙي طرز جي فلمن کان پري رهيو آهي. هن چيو ته هو هڪ مڪمل ڪاميڊي فلم ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ رڳو کل ڀوڳ ۽ مزاح هجي.
سندس چوڻ هو ته ٿورو ناچ به هجي ۽ ڪا به سنجيده ڳالهه نه هجي. گهر ۾ خاص تياري ڪرڻي نه پوي، رڳو گهر وارن کي خدا حافظ چئي سيٽ تي وڃجي ۽ سٺو وقت گذارجي، بغير ان فڪر جي ته ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان. مان ڪجهه وقت لاءِ انهن سڀني شين کان پري وڃڻ چاهيان ٿو، جيڪي هيل تائين ڪندو آيو آهيان.
رپورٽ موجب ڪم جي حوالي سان منوج باجپائي پنهنجي ايندڙ فلم گورنر ۾ نظر ايندو. هن فلم جا هدايتڪار چمني ڊي منڊليڪر آهن، جڏهن ته پروڊيوسر امرت لال شاهه آهي. 12 جون تي رليز ٿيندڙ هن فلم ۾ منوج باجپائي کانسواءِ آدا شرما ۽ نوشاد محمد ڪنجو به اهم ڪردار نڀائي رهيا آهن.