حيدرآباد(پ ر)جيئي سنڌ رھبر ڪاميٽي جو سربراھي اجلاس رهبر ڪميٽي سربراه رياض علي چانڊيو جي صدرات ھيٺ حيدرآباد سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس تي ٿي گذريو۔اجلاس ۾ جسقم بشير خان جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي۔جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور،جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ انور بڙدي شريڪ اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو۔اجلاس ۾ سنڌ جي وسيلن درياھ تي پنجاب جو قبضو مالي ايوارڊ ۾ سنڌ پنھجا حق نه ملڻ۔ڪالاباغ ڊيم ۽ ھاڻ وري ڪئينال ٺاھڻ ڌارين جي آبادڪاري جي نندا ڪئي اجلاس کي جيئي سنڌ رھبر ڪاميٽي جي سربراھ رياض علي چانڊيو اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ ۾ پاڻي ناھي سنڌ جي ڪئنالن ۾ پاڻي ناھي روھڙي ڪئنال رائيس ڪئنال۔جمڙائو ڪئينال ۾ پاڻي ناھي لاڙ ۾ سخت پاڻي جي کوٽ آھي ڌارين جي آبادڪاري سنڌ لاءِ نقصانڪار ٿي آھي مذھبي انتھاپسندي کان سنڌ کي آجو ڏسڻ چاھيو ٿا ڪو به مذهب يا آئين اجازت نٿو ڏي ته ڪنهن جو در کڙڪائي اهو پڇجي ته اوهان مسلمان آهيو يانه سنڌ سڀني مذهبن جي ماءُ آهي،هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو مذهبي جنونين خلاف سينو تاڻي بيٺا آهن،سنڌ ۾ ھٿرادو طريقي سان ترميمن جي آڙ ۾ سنڌ لٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ عوام جا اختيار ختم ڪيا ويا آهن قومن جا وسيلا ڦريا ويا آهن اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته توهان آئين جي آڙ ۾ اسان جي ڌرتي سان هٿ چراند ڪندا ته سياسي مزاحمت ڪنداسين هڪ طرف آصف زرداري چوي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ کي مضبوط ڪريون بلاول چوي ٿو ته وفاقي ڪراچي کسي ٿو پيپلزپارٽي سدائين سنڌ جو سودو ڪري اقتدار حاصل ڪيو آهي سنڌ ۾ هٿ وٺي مذهبي انتهاپسندي پيدا ڪئي ٿي وڃي سنڌ هزارين سالن کان سنڌين جو ملڪ آهي هر ڌاري کي هتان تڙي ڪڍڻ پورو حق آهي مذهب جي نالي تي سنڌ ۾ ڪو به ڌاريو قبول ناهي درياهه اسان جو آهي وسيلا اسان جا آهن سمنڊ اسان جو آهي ڪنهن به آئيني ترميم ذريعي انهن تي قبضو قبول ناهي اها حڪمرانن کي ڀل آهي ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪندا اسان درياهه بچائڻ واري جدوجهد کان به وڌيڪ سگهاري جدوجهد ڪنداسين جسقم شهيد بشير خان جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڳالھائيندي چيو ته سنڌي قوم کي ھر طرف کان ھوشيار رھڻ گھرجي سنڌ جي امن خلاف سازشون ٿينديون پيو اچن سنڌ کي انتھاپسندي ڏانھن ڌڪندڙ ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيندا ڪجهھ قوتن کان سنڌ ۾ روادري هضم نٿي ٿئي سنڌ ۾ فرقن جي روش قبول نه ڪنداسين انسانيت اول آھي پيداوري زريعا کسيا پيا وڃن سنڌ ۾ طاقتور جدوجھد ڪنداسين۔جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو ته سنڌ روادار رھي آھي سڀني مذھبن جو احترام ڪرڻ گھرجي سنڌ کي ھن وقت درست رستي تي وٺي وڃڻ جي صرورت آھي وفاق سنڌ جا وسيلا درياھ شھرن تي قبضا ڪرڻ چاھي ٿو۔سنڌ ۾ ڪو به ڌاريو برداشت نه ڪنداسين سنڌ دشمن فيصلا قبول نه ڪنداسين جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ انور بڙدي چيو ته سنڌ جي امن جي ڌرتي رھي آھي سنڌ جا وسيلا لٽڻ بند ڪيا وڃن اجلاس ۾ آصف بالادي عفار ميرجت پنھل ساريوڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي۔قادر بخش زئور۔مجيب ڀيلار علي رضا خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي