ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ۽ سياستدان ڪنگنا رناوت چيو آهي ته هن حقيقي زندگي ۽ عام ماڻهن جي مسئلن کي سمجهڻ لاءِ پاڻ کي ڪجهه حد تائين بالي ووڊ جي دنيا کان پري رکيو.
پنهنجي نئين فلم جي تشهيري مهم دوران هڪ انٽرويو ۾ ڪنگنا رناوت چيو ته فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل ماڻهو اڪثر هڪ محدود دنيا ۾ رهڻ لڳن ٿا، جنهن سبب هو زميني حقيقتن کان پري ٿي وڃن ٿا. سندس چوڻ هو ته هو اهڙي دائري ۾ رهندا آهن جتي حقيقت کان فاصلو پيدا ٿي ويندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن هن فلم ۾ پنهنجي ڪردار تي ڪم شروع ڪيو ته کيس احساس ٿيو ته ان لاءِ ضروري آهي ته هوءَ فلمي دنيا کان ڪجهه فاصلو اختيار ڪري ۽ عام ماڻهن جي وچ ۾ وقت گذاري.
ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب اداڪارا چيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران سياست ۾ اچڻ کان پوءِ کيس مختلف طبقن سان واسطو رکندڙ ماڻهن سان ملڻ ۽ سندن زندگين کي ويجهڙائيءَ سان ڏسڻ جو موقعو مليو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو فنڪار حقيقت سان جڙيل نه رهي ته هو ڪنهن به ڪردار کي مڪمل ايمانداري سان نٿو نڀائي سگهي، ڀلي پاڻ کي ڪيترو به سٺو اداڪار سمجهي. ڪنگنا ٻڌايو ته جيتوڻيڪ سندس تعلق هڪ وچولي طبقي جي خاندان سان آهي، پر ننڍي عمر ۾ شوبز انڊسٽري جو حصو بڻجڻ سبب کيس ڪيترن سالن کان پوءِ ٻيهر عام زندگي جي تجربن کي محسوس ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي.
رپورٽ موجب هن چيو ته هن هن ڪردار لاءِ هڪ قسم جي سخت مشق ڪئي آهي ته جيئن پاڻ کي ان شخصيت جي ويجهو آڻي سگهي ۽ سندس زندگي کي وڌيڪ بهتر نموني سمجهي سگهي. واضح رهي ته ڪنگنا رناوت جي نئين فلم ڀارتيا ڀاگيا وڌاتا 12 جون تي سڄي دنيا ۾ رليز ڪئي ويندي.