ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جو سپر اسٽار عامر خان ٽيون ڀيرو شادي ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، سندس شادي بابت هڪ وڏي خبر سامهون آئي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب 61 ورهين جو اداڪار ايندڙ مهيني پنهنجي گرل فرينڊ گوري سپراٽ سان ٽئين شادي ڪرڻ وارو آهي. رپورٽن مطابق هي شادي 5 جولاءِ تي انتهائي سادگي ۽ نجي انداز ۾ ٿيندي، جنهن ۾ ٻنهي خاندانن جا ويجها مائٽ ۽ ڪجهه خاص دوست شرڪت ڪندا. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪورٽ مئرج يا گهر ۾ ئي قانوني دستاويزن تي صحيحون ڪري هن رشتي کي باقاعده شڪل ڏني ويندي.
ڀارتي رپورٽس موجب ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته عامر خان ۽ گوري سپراٽ هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان گڏ رهي رهيا آهن ۽ خوشگوار زندگي گذاري رهيا آهن. تازو هڪ انٽرويو دوران عامر خان گوري سان پنهنجي رشتي بابت ڳالهائيندي چيو ته هو پاڻ کي خوش نصيب سمجهي ٿو جو کيس گوري ملي. سندس چوڻ هو ته گوري بهترين عورت آهي ۽ هو ساڻس گڏ ذهني سڪون محسوس ڪري ٿو. عامر خان چيو ته سندس اڳوڻين زالن ڪرن رائو ۽ رينا دتا سان به گهرو تعلق هو، پر اهو رشتو برقرار نه رهي سگهيو، جڏهن ته گوري جي اچڻ سان کيس محسوس ٿئي ٿو ته سندس زندگي مڪمل ٿي وئي آهي.
ياد رهي ته عامر خان گذريل سال پنهنجي 60هين سالگرهه جي موقعي تي ممبئي ۾ ميڊيا آڏو پهريون ڀيرو گوري سپراٽ کي پنهنجي گرل فرينڊ طور متعارف ڪرايو هو. واضح رهي ته هي عامر خان جي ٽئين شادي هوندي. هن 1986ع ۾ رينا دتا سان شادي ڪئي هئي، جيڪا 2002ع ۾ ختم ٿي وئي، جڏهن ته ٻنهي کي ٻه ٻار جنيد خان ۽ ايرا خان آهن. ان کان پوءِ عامر خان 2005ع ۾ ڪرن راؤ سان شادي ڪئي، جنهن کان 2021ع ۾ ڌار ٿي ويو، جڏهن ته ٻئي گڏجي پنهنجي پٽ آزاد رائو خان جي پرورش ڪري رهيا آهن.