”ڀاڀي گهر پر هين جي پروڊيوسر تي جنسي هراساني جو ڪيس ڪوڙو هو“

ممبئي(ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي ٽي وي اداڪاراشلپا شندي اعتراف ڪيو آهي ته سندس ”ڀاڀي جي گهر پر هين“ جي پروڊيوسر تي جنسي هراساني وارو ڪيس ڪوڙو هو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب مشهور ڪاميڊين ڀارتي سنگهه ۽هارش لنڀاچيا جي تازي پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي شلپا شندي ٻڌايو ته پروڊيوسرز سان ادائيگين ۽ معاهدي بابت تڪرار سبب وٽس ٻيو ڪو رستو نه هو، تنهن ڪري هن اهو ڪيس داخل ڪرايو. شلپا شندي پهريون ڀيرو اعتراف ڪندي چيو ته هراسانيءَ جو الزام درست نه هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ عدالت کان ٻاهر معاملا طئي ٿي ويا هئا ۽ سندس رهيل ادائيگيون پڻ ادا ڪيون ويون هيون.

اداڪارا اهو به چيو ته ڪيترائي سال گذرڻ کان پوءِ هاڻي هن جا ڊراما پروڊيوسر سان لاڳاپا بهتر ٿيا آهن ۽ هوءَ ٻيهر ساڻس گڏ ڪم به ڪري رهي آهي.

ياد رهي ته 2016ع ۾ شلپا شندي جي ڊراما سيريل کان ڌار ٿيڻ ۽ پروڊيوسر خلاف هراسانيءَ جو ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ اهو تڪرار ڀارتي ٽي وي انڊسٽري جي سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ رهندڙ معاملن مان هڪ بڻجي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.