ڍاڪا (ويب ڊيسڪ)بنگلاديش ۾ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ ”ڊونلڊ ٽرمپ“ نالي پاڏي کي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قرباني کان بچائي قومي زو ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
ان پاڏي جو ڀورو رنگ ۽ وارن جي انوکي بڻاوت سبب ان کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان مشابهت ڏني پئي وڃي.
تقريباً 700 ڪلو وزن واري هن پاڏي جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي ويون، جنهن کان پوءِ ماڻهن جو وڏو انگ ان کي ڏسڻ لاءِ پهچڻ لڳو.
وڌندڙ دلچسپي ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب اختيارين آخري وقت ۾ اهو جانور خريد ڪري ڍاڪا جي قومي زو ۾ منتقل ڪيو آهي.
پاڏي جي مالڪ ضياءُ الدين مرڌا موجب هن پاڏي جو نالو سندس ڀاءُ مذاق ۾ ” ڊونلڊ ٽرمپ“ رکيو هو. هن ٻڌايو ته البينو مينهون ڏکڻ ايشيا ۾ ناياب هونديون آهن ۽ عام طور تي پرسڪون مزاج رکن ٿيون.
زو انتظاميا چيو آهي ته پاڏي کي زو جي خاص حصي ۾ رکيو ويو آهي ته جيئن شهري محفوظ ماحول ۾ ان کي ڏسي سگهن.
رپورٽن موجب هڪ ٻيو 750 ڪلو وزني پاڏو به ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي، جنهن جو نالو ”بينجمن نيتن ياهو“ رکيو ويو آهي.