آمريڪا ايران ۾ معاهدو ٿي ويو، ٽرمپ جي منظور رهيل

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي ۽ ايراني ڳالهين وارن وچ ۾ جنگبندي کي وڌائڻ ۽ ايران جي ايٽمي پروگرام تي ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ سٺ ڏينهن واري معاهدي تي اتفاق ٿي ويو آهي.

آمريڪي ويب سائيٽ ايگزيئس موجب ذريعن جي حوالي سان چيو ويو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڃا تائين ان جي حتمي منظوري نه ڏني آهي.

ويب سائيٽ موجب اهڙي معاهدي تي صحيح ڪرڻ جنگ جي شروعات کانپوءِ سڀ کان وڏي سفارتي اڳڀرائي هوندي، پر ايران جي ايٽمي پروگرام بابت ٽرمپ جي مطالبن کي پورو ڪرڻ لاءِ حتمي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ وڌيڪ سخت ۽ تفصيلي ڳالهين جي ضرورت پوندي.

آمريڪي عملدارن موجب اڱاري تائين معاهدي جا گهڻا شرط طئي ٿي چڪا هئا، پر ٻنهي ڌرين کي پنهنجي اعليٰ قيادت کان منظوري گهربل هئي.

آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته انکانپوءِ ايراني ڌر ٻڌايو ته کين ضروري منظوري ملي وئي آهي ۽ هو صحيح ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پر ايران ان جي باضابطه تصديق نه ڪئي آهي.

آمريڪي ڳالهين وارن معاهدي جي تفصيلن بابت صدر ٽرمپ کي آگاهه ڪيو، پر هن فوري منظوري نه ڏني. هڪ آمريڪي عملدار موجب صدر ٽرمپ وچ وارن کي ٻڌايو ته هو ان تي غور ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن چاهي ٿو.

عملدارن موجب سٺ ڏينهن واري معاهدي ۾ اهو به شامل هوندو ته آبناءِ هرمز ۾ جهازن جي اچ وڃ بنا رڪاوٽ جي جاري رهندي، مطلب ته نه ڪو ٽول ٽيڪس هوندو ۽ نه ڪا هراساني. ايران کي ٽيهن ڏينهن اندر آبناءِ هرمز مان سڀ بارودي سرنگهون هٽائڻيون پونديون.

ويب سائيٽ موجب آمريڪي بحري ناڪابندي به ختم ڪئي ويندي، پر اهو عمل واپاري جهازن جي اچ وڃ جي بحالي جي تناسب سان مرحلي وار ٿيندو.

عملدارن موجب هن معاهدي ۾ اهو به شامل هوندو ته ايران ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪرڻ جو عزم ڪندو. ان کان سواءِ سٺ ڏينهن دوران شروعاتي ڳالهين ۾ ايران جي واڌو يورينيم جي ذخيرن کي ختم ڪرڻ جو طريقو ۽ يورينيم کي وڌائڻ جي مسئلي جو حل به شامل هوندو.

ويب سائيٽ موجب آمريڪا به اهو واعدو ڪندو ته ڳالهين دوران پابندين ۾ نرمي ۽ ايران جي منجمد فنڊن جي بحالي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. معاهدي ۾ ايران کي ضروري شين ۽ انساني امداد جي فراهمي شروع ڪرڻ لاءِ هڪ طريقيڪار تي به غور شامل هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.