تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني سپريم ليڊر مجتبيٰٰ خامنه اِي چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل پنهنجي فوجي شڪستن کي لڪائڻ لاءِ ايران اندر اندروني اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ايراني سرڪاري ميڊيا تان جاري ڪيل بيان ۾ مجتبيٰ خامنه اِي چيو ته جنگ مڙهڻ، اقتصادي دٻاءُ وجهڻ ۽ سياسي پروپيگنڊا ڪرڻ کان پوءِ هاڻي دشمن پنهنجي فوجي ناڪامين تي پردو وجهڻ لاءِ ايراني قوم ۾ ورهاست پيدا ڪرڻ جي منصوبي تي عمل ڪري رهيو آهي.
ايراني سپريم ليڊر چيو ته هن قدم جو مقصد ايراني قوم کي جهڪائڻ ۽ هٿيار ڦٽا ڪرائڻ آهي. مجتبيٰ خامنه اِي ايراني عوام کي قومي اتحاد ۽ هم آهنگي برقرار رکڻ تي زور ڏنو.