ماسڪو(ويب ڊيسڪ)آبنائي هرمز مان گذرڻ جي ڪوشش ڪندڙ آمريڪي تيل کڻندڙ جهاز تي ايران حملو ڪري ڇڏيو.
روسي خابرو اداري موجب ايران جي انقلابي فوج خبرداري طور فائرنگ ڪري آمريڪي جهاز کي واپس وڃڻ تي مجبور ڪيو.
روسي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته آمريڪا بندر عباس ڀرسان ايراني بندرگاهه ويجهو حملو ڪيو، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو جاني يا مالي نقصان نه ٿيو.