واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا هڪ هفتي اندر ٻيون ڀيرو ايران تي هوائي حملا ڪيا آهن. آمريڪي عملدارن موجب آبناءِ هرمز ۾ ايران جي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو.
آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته حملي جو مقصد آمريڪي فوج ۽ آبنائي هرمز ۾ واپاري جهازن کي درپيش خطري کي ختم ڪرڻ هو.
دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ايران آمريڪي واپاري جهاز تي چار ڊرون فائر ڪيا هئا، جيڪي سڀئي ڪيرايا ويا.
ايراني ميڊيا موجب اوڀر واري علائقي ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ کانپوءِ هوائ3 بچاءَ وارو نظام ڪجهه منٽن لاءِ فعال ڪيو ويو هو.