ٽرمپ جي عمان کي تباهه ڪرڻ جي ڌمڪي غنڊا گردي آهي: ايراني پرڏيهي وزات

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعلي بقائي چيو آهي ته بندر عباس جي علائقن تي آمريڪي حملا عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين ڀڃڪڙي آهن.

هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي آمريڪا کان پڇاڻو ڪرڻ واري پنهنجي ذميواري نڀائڻ گهرجي.

اسماعيل بقائي وڌيڪ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ پاران گڏيل قومن جي ميمبر ملڪ عمان کي تباهه ڪرڻ جي ڌمڪي غنڊا گردي جي خطرناڪ نشاني آهي.

ٽرمپ اربع ڏينهن چيو هو ته جيڪڏهن عمان ٻين وانگر رويو اختيار نه ڪيو ته آمريڪا کي ان کي تباهه ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.