طيب اردوان نتين ياهو کي ظالم قرار ڏئي ڇڏيو

استنبول(ويب ڊيسڪ)ترڪ صدر رجب طيب اردوان عيدالاضحيٰ جي موقعي تي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي ظالم قرار ڏنو آهي.

استنبول ۾ عيد نماز کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ترڪ صدر چيو ته هن کي يقين آهي ته نيتن ياهو نالي ظالم کي سڄي دنيا جي مسلمانن هٿان ضرور سبق ملندو.

ان کان اڳ ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ترڪ صدر جنگبندي ڳالهين جي ڪامياب ۽ مثبت نتيجن لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.