افغانستان دهشتگردن جي ڀرتي ۽ شدت پسندن جو مرڪز، روسي خابرو اداري جا انڪشاف

ماسڪو(ويب ڊيسڪ)افغانستان ٻيهر دهشتگرد تنظيمن جي محفوظ پناهه گاهه ۽ شدت پسندي جي مرڪز طور سامهون اچڻ لڳو آهي.

روسي خفيه ايجنسي جي سربراهه اليگزينڊر بورٽنڪوف انڪشاف ڪيو آهي ته داعش خراسان وچ ايشيائي ملڪن جي شهرين کي دهشتگرد نيٽ ورڪن ۾ ڀرتي ڪري رهي آهي ۽ خطي ۾ ڳجهن حملن جي منصوبابندي ۾ مصروف آهي.

روسي ميگزين موجب، داعش خراسان تاجڪستان، ازبڪستان، ڪرغزستان ۽ قازقستان سميت روسي مزدورن کي به پنهنجي نيٽ ورڪ جو حصو بڻائي رهي آهي.

اليگزينڊر بورٽنڪوف چيو آهي ته تاجڪستان ۽ ازبڪستان ۾ داعش سان لاڳاپيل دهشتگرد اڳ ئي گرفتار به ڪيا ويا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ سياسي استحڪام لاءِ دهشتگردي خلاف علائقائي تعاون انتهائي ضروري آهي، جڏهن ته افغانستان ۽ پاڪستان جو خطو امن ۽ گڏيل سلامتي لاءِ تمام اهميت رکي ٿو.

روسي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري موجب افغانستان ۾ 20 کان وڌيڪ ويڙهاڪ گروهه خطي جي امن لاءِ خطرو بڻجي چڪا آهن.

ياد رهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر به ڪيترائي ڀيرا افغانستان مان دهشتگردي جي خطرن بابت خبردار ڪري چڪو آهي.

هن جو چوڻ هو ته علائقائي ۽ عالمي دهشتگرد گروهه افغانستان مان آپريٽ ڪري رهيا آهن ۽ افغانستان دهشتگردن لاءِ محفوظ پناهه گاهه بڻجي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.